ميھڙ ۾ ٻوڏ متاثرن جي واھر نه ٿي، ايس يو پي پاران ڌرڻو

ميھڙ (ن ع آ)ميھڙ ۾ ٻوڏ متاثرين جي واھر نه ٿيڻ خلاف سنڌ يونائٽيڊ پارٽي پاران سڪندر سوڍر ، حاجي خان مارفاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميھڙ باءِ پاس کان گھنٽاگھر چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي ريلي ۾ وڏي تعداد ۾ ڳالھائڻ کان محروم گونگن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ميھڙ ۾ متاثرين جي واھر نه ٿيڻ. راشن، خيما نه ملڻ، ٻوڏ متاثرين لاءِ سامان ھڙپ ڪرڻ، مختيارڪار ميھڙ ۽ ٻين خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ميھڙ ۾ ٻوڏ متاثرن کلي آسمان ھيٺ ويٺل آھن، مختيارڪار ميھڙ ۽ ٻين جي ملي ڀڳت سان متاثرين لاءِ آيل راشن ھڙپ ڪيو ويو آھي، بک بدحالي سبب ماڻھو مري رھيا آھن پر ضلعي حڪومت گم آھي ، متاثرين بي يارو مددگار اھن ميھڙ ۾ متاثرين لا۽ آيل راشن ھڙپ ڪيو ويو آھي ، ھنن مطالبو ڪيو تہ ميھڙ ۾ متاثرين لا۽ آيل رقم ھڙپ ڪرڻ جي جانچ ڪري متاثرين جي فوري واھر ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.