خيرپور مان برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو

خيرپور( ڊ ر ) خيرپور جي مختلف علائقن مان آيل متاثرن جو ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو سخت نعريبازي برسات جو گندو پاڻي بيٺل آهي جيڪو سخت بدبو ڪري ويو آهي، احتجاجن باوجود پاڻي نيڪال ناھي ڪيو ويو. ڊي سي ڪڏهن متاثرن وٽ لڙي ناهي آيو نه ئي ڪنهن غريب مسڪين کي کاڌ خوراڪ ناهي ڏني وئي. ڊي سي،ڊي ايڇ او ۽ چونڊيل نمائندن متاثرن جو سامان وڪيو آهي، اسان بي يار و مددگار ٿي بک ۽ بيمارين ۾ مري رهيا آهيون پر ڪنهن کي به پرواه ناهي، گيسٽرو، مليريا،ڊينگي، چمڙي ۽ ٻين بيمارين اچي ورايو آهي ڪاڏي وڃون ڪو دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، ٽينٽ، ترپال، اٽو ۽ ٻيو سامان سرعام وڪرو ٿي رهيو آهي پر ڪنهن کي نه ٿو ڏنو وڃي، رڳو فوٽو سيشن تي زور آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.