بڊاڻي ۾فري ميڊيڪل ڪئمپ، مريضن کي مفت دوائون مهيا

بڊاڻي (ن ع آ) بڊاڻي جي پي پي ايڇ آءِ اسپتال ۾ پاڪ آرمي پاران برسات متاثرن جي سهائتا لاءِ هڪ ڏينهن جي فري ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي،جنهن ۾ مختلف بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن مريضن جي چڪاس ڪري مفت دوائون ڏنيون. ڊاڪٽرن ٻڌايو ته مليريا، گيسٽرو ۽ چمڙيءَ جون بيماريون ٻوڏ بعد وڌي ويون آهن، جنهن سبب هر ماڻهو ان وبا ۾ وچڙي ويو آهي.  هوڏانهن قومي امن ڪاميٽي جي ضلعي اڳواڻن رحمت الله چنو۽ ماجد سهرياڻي ڪئمپ جي نگراني ڪئي. ان موقعي تي هنن ميڊيا اڳيان ڳالهائيندي چيو ته پاڪ آرمي هميشه خدمت ۾ اڳڀري رهي آهي، رليف طور راشن ۽ بي گهر ٿيل ماڻهن کي ٽينٽ فراهم ڪيا ۽ هاڻ ڦهلجندڙ بيمارين جي خاتمي لاءِ بڊاڻي سميت ڪشمور ضلعي ۾ مفت ميڊيڪل ڪئمپون لڳايون ويون آهن، جتي هر قسم جو علاج ۽ دوائون مفت ۾ فراهم ڪيون پيون وڃن ۽ متاثر مريضن ۾ مڇر داڻيون پڻ ورهايون ويون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.