اڪري ڀرسان اسڪول ۾ويٺل ٻوڏ متاثرن کي جاءِ خالي ڪرڻ جو حڪم

اڪري چودڳي   (ن ع آ)   اڪري ڀرسان سرڪاري ايليمنٽري هاءِ اسڪول محمد خان شر ۾ قائم رليف ڪئمپ ۾ ترسيل برسات متاثرين کي تعليم کاتي تعلقي آفيسر ۽هيڊ ماستر پاران جمع 23 سيپٽمبر تائين اسڪول خالي ڪرڻ جو حڪم ڏيڻ جو ليٽر جاري ڪري ڇڏيو اهڙو ليٽر جاري ٿيڻ بعد ڪئمپ۾ ترسيل برسات متاثرين ۾ ڳڻتي جي لهر ۽مايوسي پکڙجي ويئي اسڪول مقررهيڊ ماستر آفتاب احمد راڄپر ۽تعلقه ايجوڪيشن ايليمنٽري هائر سيڪينڊري ميل آفيسر منير احمد راڄپراسڪول ۾ ترسيل برسات متاثرين ۽ٻين ڳوٺاڻن سان اسڪول خالي ڪرڻ واري مامري تي گڏجاڻي ڪري غور ويچار ڪيو ويوگڏجاڻي بعد اسڪول جي هيڊ ماسترگڏجاڻي جي پڌرائي جاري ڪندي چيوته اسڪول ڪئمپ ۾ ترسيل برسات متاثر ڳوٺاڻا سمجهائڻ بعد اسڪول خالي ڪرڻ تي راضي ٿيا آهن ۽ڇنڇر تي تدريسي عمل شروع ڪيو ويندو جڏهن ته برسات سبب ڳوٺ خان محمد شر ڳوٺ محمد خان شر ڳوٺ امام بخش شر سميت آس پاس جي علائقن جا 50 کان وڌيڪ ڳوٺاڻا گهر ڊهڻ ۽ 5 فوٽ برساتي پاڻي بيهڻ بعد اسڪول ۾ سرڪاري ڪئمپ ترسيل آهن ڪئمپ ۾ ترسيل برسات متاثرين عابد شر امان الله محبوب الاهي ۽ٻين ٻڌائيندي چيو ته  گهر مڪمل ڊٿل آهن ڳوٺ ۾ 4 فوٽ پاڻي بيٺل آهي اسڪول ڪئمپ مان اٿاريو پيو وڃين سمجھ نه ٿي لڳي ته ڪيڏانهن وينداسين ۽نه ئي ڪا مدد ڪئي پئي وڃين اسڪول انتظاميه توڙي اي سي فيض گنج سميت ڪنهن به زميوار آفيسر اسان جي متبادل جاء جو بندوبست ناهي ڪيو ويو عورتون ۽معصوم ٻارن کي بنا اجهي سهاري جي ڪٿي رهائينداسين هنن چيو ته اصولن پهريان اسان لاء متبادل جاء جو بندوبست ڪري پوء اسڪول کولي ڪرائڻ گهرجي پر بغير ڪنهن انتظام جي نيڪالي ڏني پئي وڃين جنهن سبب ڪافي پريشان آهيون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.