سکر جي مختلف علائقن ۾ برسات متاثرکي سامان نه مليو، نعريبازي، ڌرڻو

سکر ( رپورٽ: آزاد مهر  ) سکر جي مختلف علائقن ۾ رهندڙ برساتي ٻوڏ متاثرين جو صبر ختم ٿي ويو، وڏي انگ ۾ عورتن، مردن ۽ ٻارڙن پاران راشن ۽ ٻئي سهولت نه ملڻ خلاف سکر عارف بلڊر واري علائقي ۾ بائي پاس روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري  لاڳاپيل انتظاميا خلاف نعري بازي پڻ ڪئي روڊ بلاڪ ٿيڻ سبب سکر سميت سنڌ جي ٻين شھرن بلوچستان پنجاب ڏانهن ويندڙ گاڏين جون قطارون لڳي ويون جڏهن ته پوليس به بي وس بڻجي وئي۔ ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ هو ته ڪيترن ئي ڏينهن کان روڊن ڪناري ويٺل آھيون پر ڪنهن به سار ناهي لڌي اکين سان راشن، خيمن ۽ ٻئي سامان ڀريل ٽرڪون ويندي ڏسون ٿا، اسان ٻچڙن سميت روڊن تي کليل آسمان هيٺ ويٺل آھيون نه ئي خيما مليا آھن نه ئي راشن ۽ دوائون پيون ملن ٻارڙا بک ۽ بيماري ۾ وڪوڙجي ويا آھن مظاهرين جو چوڻ هو ته  هاڻي صبر نه ٿا ڪري سگهون جيسي تائين امداد نه ملندي احتجاج جاري رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.