ميھڙ اسپتال جي ايمبولينس راشن ڍوئڻ لڳي، وڊيو وائرل

ميھڙ  (ن ع آ) تعلقي اسپتال ميھڙ جي ايمبولينس مريضن جي ڪم اچڻ بجاءِ بااثرن کي راشن پھچائڻ واري ڪم ۾ مصروف ٿي  وئي آھي ميھڙ تعلقي اسپتال جي ايمبولينس ميھڙ جي مختيارڪار آفيس ۾ ٻوڏ متاثرين جي سامان رکڻ جو ويڊيو وائرل ٿي وئي آھي. جنھن ۾ تعلقہ اسپتال ميھڙ جي ايمبولينس ۾ راشن رکيو پيو وڃي ھوڏانھن اڄ منجنھند ميھڙ جي ٻوڏ متاثر ڳوٺ ورند جا ڀاڻ جي عورت جيڪا ميھڙ باء پاس تي ويٺل ھئي گيسٽرو تڪليف سبب کيس ايمبلوينس نه ملڻ ڪري لاڙڪاڻي منتقل نه  ٿي سگھي ۽ تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي پر کيس ايمبولنس  نه ملي ھئي ٻئي طرف ميھڙ ۾ مختلف ماڻھو احتجاج ڪري رھيا آھن ته  ٻوڏ متاثرين لاءِ آيل سامان متاثرين کي ملڻ بجاءِ بااثرن کي ڏنو ويو آھي ۽ وڪرو ڪيو ويو آھي ٻئي طرف رابطي تي اسسٽنٽ مختيارڪار ميھڙ سائين بخش ڪولاچي ٻڌايو ته ٻوڏ متاثرين جو سامان ايمبولنس ذريعي منتقلي بابت اسان کي ڪا به خبر ناھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.