خيرپورناٿن شاهه ۾ بک بيمارين ۾ وڌيڪ هڪ نوجوان فوت

خيرپورناٿن شاه (ن ع آ) خيرپورناٿن شاه ۾ ٻوڏ جون ڀيانڪ تباه ڪاريون جاري بک بيمارين ۾ وڌيڪ هڪ نوجوان زندگي جي جنگ هارائي ويو شاه لطيف ڪالوني جو رهواسي 38 ورهين جو نوجوان عبدالحميد چانڊيو عرف شارخ خان ٻوڏ ۾ پنهنجي گهر جي حفاظت لاء شهر ۾ رهيل هيو جيڪو بيماري سبب زندگي جي جنگ هارائي ويو خيرپورناٿن شاه شهر سميت ڳوٺن ۾ هڪ ڏينهن ۾ فوت ٿيندڙن جو انگ 6 ٿي ويو آهي، خيرپورناٿن شاه شهر سميت ڳوٺن ۾ صحت جون سهولتون نه هجڻ جي ڪري هر روز ماڻهو مري رهيا آهن ، خيرپورناٿن شاه ۾ سماجي خدمتون سر انجام ڏيندڙ نوجوان آصف شيخ وفاق ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته 19 ڏينهن کان شهر اندر بيٺل پاڻي کي فوري نيڪال ڪري بجلي گئس پي ٽي سي ايل بحال ڪري شهر ۾ زندگي معمول مطابق آڻي وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿيڻ کان بچايون وڃن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.