ميرپور ٻرڙو لڳ ڪتي مارڻ جو جرڳو، 70 هزار چٽي رکي وئي

ميرپورٻرڙو ( ن ع آ ) مبارڪپور ٿاڻي جي حد  ڳوٺ نور محمد گورشاڻي ۾ اسلام جت جي گھر ۾ بيٺل ٻڪري کي ڪتي ڏاڙھي وڌو گھر ڌڻي مالڪ ڪتي کي ڌڪ ھڻي ماري ڇڏيو ھو جنھن جو فيصلو ڳوٺ قادر بخش منڱريو ۾ وڏيري بقا محمد مڱريو جي سرپئنچي ۾ ڪتي کي مارڻ جو فيصلو ڪيو ويو.، جنھن ۾ ڪتي جي مالڪ الزام ھنيو ته منھنجي ڪتي کي ڄاڻي واڻي ڌڪ ھڻي ماريو آھي، ڌرين جو ڳالهيون ٻڌڻ بعد اسلام جت تي 70 ھزار ڪتي مارڻ جي چٽي رکي وئي جيڪا نور محمد گورشاڻي کي ڀري ڏيندو، ھوڏانھن متاثر قرآن پاڪ کڻي ٻيھي رھيو ته 20 ھزار چٽي معاف ڪيا ويا باقي پنجاھ ھزار ڀري ڏيندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.