پني عاقل لڳ پاڻي نيڪالي تان جهيڙو، پيرسن مارجي ويو

پنوعاقل (رپورٽ: رستم انڍڙ ) پنوعاقل ويجهو برساتي پاڻي جي نيڪال تان جهيڙِي ۾ پيرسن مارجي ويو ، زنگيجا ڳوٺ ويجهو پاڻي جي نيڪال تان سيد ۽ ميراڻي جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو ، جهيڙي جي نتيجي ۾ پيرسن بشير شاهه لٺيون لڳڻ سبب زخمي ٿيو، جنهن کي سندس وارثن تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، واقعي بعد  حد جي پوليس به حرڪت ۾ اچي وئي پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري ڪاروائي ڪندي هڪ ڄڻي صاحبزادي ميراڻي کي گرفتار ڪري ورتو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.