حيدرآباد ۾ سنڌو درياهه مان اڻڄاتل نوجوان جو لاش

حيدرآباد ( رپورٽر) حيدرآباد مان ھڪ اڻڄاتل نوجوان جو لاش مليو آهي، لطيف آباد نمبر 10 جي بچاءَ بند ويجھو سنڌو درياءَ مان ھڪ 35 سالن جي اڻڄاتل نوجوان جو لاش مليو، علائقي واسين جي اطلاع تي پوليس پھچي لاش پاڻي مان ڪڍرائي سول اسپتال منتقل ڪيو، بي سيڪشن پوليس موجب لاش ٻه ھفتا پراڻو ۽ ڳريل حالت ۾ آھي، لاش جي ڪپڙن مان سڃاڻپ لاءِ ڪا به شي ناھي ملي انڪري لاش کي سڃاڻپ لاءِ اسپتال ۾ رکيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.