ڀارتي فوج هٿان گنڀيلن جي وارثن جو حيدرآباد ۾ احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) جاتي تعلقي جي ڳوٺ زيرو پوائنٽ جي پاڪستاني سامونڊي حدن سرڪريڪ مان ڀارتي فورسز پاران کنڀيل 2 نوجوان مهاڻن جي آزاديءَ لاءِ ڳوٺاڻن پاران حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي غلام مصطفيٰ ملاح چيو ته 4 مهينا اڳ جاتي سرڪريڪ جي پاڪستاني سمنڊ جي حد مان انڊين نيوي سندس 30 ورهين جي پٽ صدام حسين ۽ سندس 33 سالن جي سالي جي پٽ علي بخش کي مڇي ماريندي حملو ڪري کڻي وئي آهي، جن جي ڀارت جي شهر گجرات جيل جي ۾ قيد هجڻ جا اطلاع آهن. هن پاڪستاني حڪومت کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي سندس نوجوانن کي ڀارتي جيل مان آزاد ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.