ڳڙهي خدا بخش لڳ گهرو اڻبڻت تان مامي ڀاڻيجي کي قتل ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ويجهو گهرو اڻبڻت تان مامي فائرنگ ڪري پنهنجي نوجوان ڀاڻيجي کي قتل ڪري ڇڏيو، لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ روڄ راڙو پئجي ويو. ان سلسلي ۾ گذريل رات لاڙڪاڻي ڀرسان ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ٿاڻي جي حد ڳوٺ آباد ڀٽو ۾ گهرو اڻبڻت تان مامي پنهنجي ئي نوجوان ڀاڻيجي 5 ٻارن جي پيءُ راشد علي پٽ خان محمد ڀٽو کي گولي هڻي مرڻينگ ڪري فرار ٿي ويو، اطلاع تي حد جي ٿاڻي جي پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل وٺي زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي ڊاڪٽرن پاران زخمي جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي، جنهن تي وارث لاش مٿان اوڇنگارون ڏئي روئيندا پڻ رهيا. ان موقعي تي مقتول جي وارث رشيد ڀٽو ٻڌايو ته راشد ڀٽو کي سندس مامي نعيم ڀٽو گهرو اڻبڻت تان گولي هڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويو قتل ۾ ملوث نعيم ڀٽو کي گرفتار ڪري نوجوان جي خون سان انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن ضروري ڪارروائي بعد مقتول نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪيو جيڪي لاش کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي گھر ڀاتين ۾ روڄ راڙو پئجي ويو. ٻئي پاسي آخري اطلاعن تائين اهڙو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.