غازي ڳوٺ جي متاثرن جو حقن جي حاصلات لاءِ احتجاج جاري

گلشن اقبال ( ن ع آ) ڪراچي عبدالله شاھ غازي ڳوٺ جي رھواسين کي مسلسل احتجاج باوجود ھن وقت تائين انصاف نـ ملي سگھيو آھي غازي ڳوٺ جي رھواسين ۽ سياسي سماجي ماڻھن طرفان 62 ڏينھن بـ پنھنجو احتجاج جاري رکندي بلڊر مافيا پوليس ۽ روينيو عملدارن خلاف احتجاج جاري رکندي سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي احتجاج ڪندي محبوب عباسي، ڊاڪٽر الطاف ميمڻ، معشوق منگي، ارٿر برقي ،ضمير علي شبير پٺاڻ قادر شاھاڻي گل حسن گوپانگ ۽ ٻين چيو تـ بلڊر مافيا پوليس ۽ روينيو جا ڪرپٽ عملدار ايترا تـ بااثر آھن جو ھن وقت تائين انھن جي خلاف ڪا اثرائتي ڪاروائي نـ ٿي سگھي آھي اسان جا اجھا مسمار ڪندڙ اسان جي مسلسل 62 ڏينھن بـ احتجاج ڪرڻ جي باوجود ڪاروائي کان آجا بڻيل آھن ھنن وڌيڪ چيو تـ اسان آخرڪار ڪھڙي ملڪ ۾ رھون ٿا جتي انصاف ملڻ مھانگو ۽ مشڪل بڻيل آھي ھنن سنڌ ھاء ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شاھ کان انصاف جي حاصلات لاء مسلسل ٿيندڙ احتجاج جو پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي گھر ڪئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.