گڏاپ ۾ ڦر دوران مزاحمت، هڪ جوابدار مارجي ويو، 2 سوگها

گڏاپ ( رپورٽ ممتاز شيخ  ) سھراب ڳوٺ ٿاڻي جي حد ايوب ڳوٺ ۾ ڏينهن ڏٺي جو ڦر دوران مزاحمت تي هڪ چور مارجي ويو 2 جوابدارن کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو ويو ايڊيشنل آء جي ڪراچي پاران ٻن ڦورن کي پڪڙيندڙ شهري شاهد نواز لاء پنجاهه هزار روپيا انعام جو اعلان ڪيو ويو آهي  ايوب ڳوٺ جي علائقي ۾ جوابدار موٽر سائيڪل تي ڦر ڪري رهيا هئا ته مزاحمت دوران هڪ جوابدار مارجي ويو جڏهن ته 2 ڦورن کي پڪڙي شهرين پوليس حوالي ڪيو. پوليس موجب جوابدار شهري کان ڦر ڪري رهيا هئا ته مزاحمت دوران شهري جي فائرنگ سان هڪ ڦورو مارجي ويو گشت تي ويل پوليس فوري طور ڪارروائي ڪري ڦورو جي ٻن ساٿي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو گرفتار جوابدارن ۾ ڪليم الله ۽ رضي الله شامل آهن پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي قبضي مان غير قانوني هٿيار ۽ موٽر سائيڪل برآمد ڪئي وئي آهي جڏهن ته مارجي ويل ڏوهاري جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو هو. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن کان سھراب ڳوٺ ٿاڻي جي حد ۾ ۾ چوري ۽ڦر جون وارداتون چوٽ چڙهي ويون آهن علائقي واسين مطالبو ڪيو ته بدامني کي ٻنجو ڏئي شهري جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ قدم کنيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.