ڪنري ۾ چاپڙ ڪرڻ سبب جج جي زال ۽ ڀيڻ زخمي

ڪنري (ت ر) ڪنري سول ڪورٽ جي پاسي ۾ ٺھيل سول جج جي سرڪاري ڪوارٽر جي عمارت زبون حال ھئڻ سان گڏ تازين برساتن سبب جهري پئي.گذريل ڏينهن  ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب سول جج زاھد حسين مغيري جي گھر واري ۽ سندس ڀيڻ زخمي ٿي پيون. جڏھن ته ٻيا گھر ڀاتي ٻئي ڪمري ۾ ھجڻ سبب محفوظ رھيا. چاپڙ ڪرڻ بعد سول جج پنھنجي رھائشي ڪوارٽر خالي ڪري فيملي کي ٻئي پاسي شفٽ ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.