ماڻهن کي وبائي بيمارين کان بچايو وڃي

تازين برساتي ٻوڏن کانپوءِ جنهن شدت سان مختلف بيمارين منهن ڪڍيو آهي، اهي بيماريون ڪنهن به طرح امڪاني يا اتفاقي نه آهن، ڇاڪاڻ ته دنيا ۾ نه فقط اهو ڏٺو ويو آهي، پر هر ننڍو وڏو شخص ڄاڻي ٿو ته ٻوڏ جي پاڻيءَ کي گهڻي وقت لاءِ ڇڏي ڏيڻ يا برسات جي پاڻيءَ کي گهڻي وقت لاءِ ڇڏي ڏيڻ مان جيڪي بيماريون جنم وٺنديون آهن، انهن تازين برساتن ۽ ٻوڏ جي پاڻي بيهڻ کانپوءِ شروعات ڪري ڇڏي آهي، جنهن سبب سموري ملڪ سميت سنڌ انهن بيمارين جي لپيٽ ۾ اچي چڪي آهي، جنهن جي نقصان جو ڪاٿو ان نقصان کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي، جنهن نقصان جو پوراءُ اڃان ٿيڻو آهي. ان جي شروعات ننڍڙن ٻارن جي بيمارين کان ٿي آهي، ڇاڪاڻ ته ننڍڙا ٻارڙا هنن حالتن ۾ ڪنهن به بيماريءَ جي سهپ رکڻ جهڙا نه آهن. تنهن ڪري انهن ڏانهن تڪڙو ڌيان ڏنو وڃي، جيتوڻيڪ ٻارڙن جي بيمارين ۾ تڪڙي واڌ ٿيڻ لازمي آهي جنهن کان بچاءُ لاءِ ڪي به اپاءُ حڪومت نه برسات کان اڳ ورتا هئا ۽ نه پوءِ ورتا ويا آهن!

آسانيءَ سان سنڌ حڪومت توڻي ان جو صحت وارو کاتو اهڙي سوال پڇڻ تي جواب ڏيندو ته برسات ۽ ٻوڏ اوچتو آئي آهي، انتظام ڪرڻ ڏکيا بڻجي ويا آهن ته اها سڀ غلط بياني ان ڪري به هوندي جو ٻوڏ کان پهريان به پرنٽ ميڊيا ۾ ڇپيل هڪ مهيني جي جاچ ڪبي ته سنڌ ۾ صحت جي تباهيءَ جون خبرون ان ئي شدت سان ملنديون ان ڪري اهڙن ڪو به بيان/وضاحت صحت جي حوالي ۾ قبول ڪرڻ جهڙي نه آهي.

برساتن کانپوءِ جي حالتن هيٺ ايندڙ تباهي خاص طور صحت جي حوالي ۾ انتهائي ڏکو.ئيندڙ آهي ڪالهه جي ميڊيا ڪجهه انگ اکر ڏيکاريا آهن جيڪي ڪنهن به طرح حقيقت کان ڪيترو ئي ڏور هوندا ڇو ته اهي مڙئي انگ اکر پهچ جي حد ۾ هوندا، جيستائين ادارن يا شخصن جي پهچي ئي نه ٿي سگهي آهي، اهي انگ اکر الڳ هوندا، اهڙي پڪ آهي ۽ اهو به وڏو سچ آهي، ته حڪومتي ڪارڪردگيءَ جي خلاف ويندڙ انگ اکر سرڪار ڇو سچا ٻڌائيندي، تجزيو اهو آهي ته انگن جي واڌ يا کوٽ حڪومت جي نقصان يا فائدي جي گهرجن هيٺ هوندي آهي ان ڪري عام ماڻهوءَ ڪڏهن به سرڪارين پاران ٻڌايل انگن تي اعتبار ڪيو ئي نه آهي.

ايئن به آهي ته اطلاعات کاتي جي ڪنهن به ڳالهه تان ماڻهن جو ويساهه ختم ٿي چڪو آهي، ڇاڪاڻ ته حڪومتن جي غلط بيانين سان دنيا جي عام طور هن ملڪ ۽ خاص طور سنڌ جي حڪمرانن تي عوام جو اعتبار رهيو ئي نه آهي.

ميڊيا جي ٻڌايل انگن اکرن موجب 24 لک بيماريءَ ۾ ورتل ماڻهن جو انگ سامهون آيو آهي، جيڪو امڪاني هوندو، ڇو ته اصل انگ وڌيڪ هوندو، جنهن انگ مان 7 لک ڊائريا، 8 لک چمڙيءَ جي بيمارين ۽ ٽي هزار ڊينگيءَ وائرس ۾ ورتل آهن. ڪيئن به هجي اهڙي پڪ آهي ته بيماريون تيزيءَ سان وڌي رهيون آهن ۽ حڪومتي انتظام سڀ غلط ٻڌايا پيا وڃن، ڇاڪاڻ ته سنڌ جو صحت کاتو هن نئين تباهيءَ کان اڳ ڪو چڱي ساک رکندڙ نه آهي. هاڻ ته کين ۽ حڪومت کي هڪ مضبوط سبب ملي ويو آهي.

اسان وري وري هنن ايڊيٽوريل جي معرفت چوندا رهيا آهيون ته سنڌ حڪومت پنهنجو حڪومتي فرض ٺيڪ طرح ادا نه پئي ڪري، مڃون ٿا ته وفاقي حڪومت ڪن مسئلن ۾ ڪي رڪاوٽون به وجهندي هوندي، پر سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته، جنهن جي عمر جي خبر هجي، ان جا ڏند ڪهڙا ڏسبا. سو سنڌ حڪومت جي 15 سالن جي ڪارڪردگي سنڌ جي ماڻهن جي اڳيان آهن جن سالن ۾ حڪومت جي هٿ هيٺ ٻيو ڀيرو ڄاڻي واڻي سنڌ کي ٻوڙيو ويو آهي هاڻ جڏهن ان ٻوڏ ۽ مينهن جي بيٺل پاڻيءَ سبب مختلف بيمارين منهن ڪڍيو آهي ته اڳ ئي ناڪام ٿيل حڪومت انهن جو ڪهڙو بچاءُ ڪندي.

اهو سوال اهم آهي، جيڪو سنڌ حڪومت کان پڇڻ اسان پنهنجو بنيادي حق سمجهون ٿا. ساڳئي وقت اسين دنيا جي مڙني انسان دوست ملڪن توڙي حڪومتن ۽ شخص کي اپيل ڪريون ٿا ته سنڌ کي ۽ ان جي عوام کي ايندڙ امڪاني تباهيءَ کان بچايو وڃي.

نياڻيءَ جي خودڪشي کي قتل قرار ڏنو وڃي

سنڌ جي سڀني ٻولين ۾ ڇپجندڙ اخبارن ۾ ان واقعي جي خبر کي نهايت اهم ڪري ڇاپيو ويو آهي، جنهن واقعي انساني ضمير کي للڪاري ڇڏيو آهي، پر هن ملڪ ۾ ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ اهڙي ناحق جو آواز اٿاريو وڃي ته ڪنهن جي اڳيان اٿاريو وڃي. جن آڏو آواز اٿاريو وڃي انهن جي ڇانوَ ۾ ۽ انهن جي آشيرواد کان سواءِ ڪو به شخص يا شخص اهڙي عمل جو سوچي به نه ٿا سگهن. واقعي جو حوالو اها ناري آهي، جنهن لاءِ ڄاڻايو ويو آهي ته ان پنهنجي عزت جي تحفظ عيوض پنهنجي زندگي ئي ختم ڪري ڇڏي.

سوال ننڍڙو آهي ته جيڪڏهن ڪا به حڪومت آهي ته ان کان وڌيڪ بااثر ڪير آهي؟ يا ته اهي هوندا جيڪي سڌي طرح حڪومت ۾ هوندا يا اهي هوندا جيڪي اڻ سڌي طرح حڪومت جي ڇانوَن هيٺ جيئندڙ هوندا حڪومت ان جي قانون، ان جي قانون هلائيندڙ ادارن ۽ شخصن کان ٻاهر اهي ڪهڙا بااثر آهن جيڪي کين جيئن وڻي ٿو ايئن ڪن ٿا ۽ حڪومت مشنري انهن تائين پهچ نٿي رکي. اهڙي بي پهچيءَ جو اعتراف ڪرڻ ۾ حڪومت کي شرمندگي ڇو ٿي ٿئي.

ڇا ڪنهن به پنج جمائتون پڙهيل شخص کي اها سڌ نه آهي ته سنڌ حڪومت ۽ انهن جي مالڪن سنڌ جا سمورا ضلعا وڏيرن ۽ ڀوتارن کي ننڍيون ننڍيون حڪومتون جوڙڻ لاءِ بااختيار بڻائي ڇڏيو آهي ڇاڪاڻ ته حڪومت ۾ اهي ئي وڏيرا هٿ مٿي کڻي ٻن اکرن ڳالهائڻ کان سواءِ حڪومتون ٺاهي به سگهندا آهن ته حڪومتون ڊاهي به سگهندا آهن، جنهن سبب هڪڙي ضلعي جا بااثر هڪڙا آهن ته ٻئي ضلعي جا بااثر ٻيا آهن پر هڪ نقطو ساڳيو آهي، مڙني ضلعن جي عوام جي دربدري، ويڳاڻپ بي پهچي ساڳي آهي، بااثر ساڳيا نه آهن.

اڄ جا بااثر ڪلوئي جا اهي شخص آهن جن هڪ بي اثر نياڻيءَ سان هٿيارن ۽ اختيارن جي ڏڍ تي ڏاڍائي ڪئي آهي، انهن بااثر جي جرڳي ۾ نياڻيءَ جي بي اثر وارثن کي ڌمڪايو ويو آهي ۽ نتيجي ۾ نياڻيءَ خودڪشي ڪري ڇڏي آهي، ڇاڪاڻ ته هن جي وس ۾ فقط پنهنجي زندگي ختم ڪرڻ هئي باقي سڀ بااثرن جي هٿ ۾ آهي.

ڪا به خودڪشي ڪنهن به سماج ۾ قبول ڪئي وڃي ته ان کان اڳ ان سماج جي انصاف ڏي ڏٺو وڃي. جڏهن انصاف وڪرو ٿيڻ لڳندو آهي تڏهن بااثر سڀ ڪجهه خريد ڪري وٺندا آهن سڀاڻ اهو سڀ خريديو ويندو جنهن جو تعلق زاهد سومري جي معصوم ڀيڻ جي بي وسيءَ ۾ هئو. جڏهن حڪومت بي اثر ٿي وڃي ۽ شخص بااثر ٿي وڃن تڏهن ٿيڻ ائين کپي ته اهڙي نياڻيءَ جي خودڪشي نه قبوليندي ان کي قتل قرار ڏنو وڃي ۽ ان قتل جو ڪيس ان اڪيلي شخص تي ڪيو وڃي جيڪو سنڌ حڪومت ۾ سڀ کان وڌيڪ بااثر هجي، ڇاڪاڻ ته وقت جي سرڪار کان وڌيڪ بااثر ڪهڙي شئي آهي، سنڌ جو انصاف ۽ عدالت ان کي چٽو ڪري، جيڪڏهن ان ۾ سگهه آهي ته اسان کي ايترو چوڻو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.