ڌرتي ڌڻين کي تڪڙي مالڪيءَ جي ضرورت آهي

امتياز چانڊيو

آئون جڏهن پنهنجن دوستن عبدالغفار ڀٽو ۽ علي احمد جروار سان گڏجي لاڙ جي ٻوڏ متاثر علائقن جي صورتحال ڏسڻ نڪتس سچ ته صورتحال اسان جي سوچ کان گهڻي خراب آهي، ميرپورخاص، بدين، سانگهڙ ۽ عمرڪوٽ جا ماڻهو هن وقت تمام گهڻي مشڪل واري صورتحال ۾ ڦاٿل آهن، جيتوڻيڪ اتر سنڌ جي شهرن ميهڙ، دادو، جوهي، ڀان، خيرپورناٿن شاهه ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برساتي ٻوڏ جي پاڻي تمام گهڻي تباهي آندي آهي، لکين ماڻهن جا گهر ڊهي ويا ۽ اهي روڊن تي اچي ويا آهن، پر لاڙ جي هنن چئني ضلعن ميرپورخاص، سانگهڙ، عمرڪوٽ ۽ بدين جي صورتحال به ڳڻتيءَ جوڳي آهي، لاڙ پٽ ۾ جي انب موري، بالو جا ڪنب ديھ ٻسئو چوهٺ ته مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا آهن، جڏهن ته ڳوٺ نياز محمد ڪپري، ڳوٺ پنهون لغاري، ڳوٺ عبدالله بجير، جهڏو شهر ۽ ان جا ڳوٺ علي آباد، ڳوٺ چئوطرف ٽيڊي موري، ڳوٺ رفيق ڪنبوه، ڳوٺ رمضان خشڪ، ڳوٺ  علي بخش خشڪ، ڳوٺ احمد خان کوسو، ڳوٺ ڌڻي بخش کوسو ۽ روشن آباد جي چئو طرف پاڻي ئي پاڻي آهي، ضلعي بدين  جو تعلقي ٽنڊوباگو جو اڌ حصو، جنهن جا شھر ڳوٺ حيات خاصخيلي، ڳوٺ محمد ڀٽي،  يوسي، سمن سرڪار، پنگريو، پير بودلو، ڳوٺ آفتاب ڪلوئي، يونين ڪائونسل ڏيئي جي ديھ  ڪارياڻو  ۽ ماتلي جي يونين ڪائونسل ٻڍو قمبراڻي ۽ امن آباد به مڪمل پاڻي هيٺ آهن، ڊگهڙي شھر جو اڌ حصو پاڻي هيٺ آهي، ڊگهڙي جا ڳوٺ موسو هاليپوٽو، ابڙنگ اسٽاپ، ڳوٺ صوفي آباد ۽ ٻين ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ هن وقت به 5 کان 6 فوٽ پاڻي بيٺل آهي، پاڻي سڄي علائقي کي گهيري ۾ آڻي سمنڊ جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، برساتي ٻوڏ واري پاڻي جهڏي شهر کي پنهنجي گهري ۾ آڻي ڇڏيو آهي، شهر جا ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ آهن.

پراڻ ندي ۽ ايل بي او ڊي جي پاڻي شهرن توڙي ڳوٺن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، شهرن جي آسپاس ۾ ڪٿي 8 ته ڪٿي 10 فوٽ پاڻي هن وقت به بيٺل آهي، گهر، اسڪول، مسجدون، بازارون، روڊ، رستا ۽ ميدان پاڻي سان ڀريا پيا آهن، هزارين ماڻهن جا گهر ڪري پيا آهن، زراعت مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪي آهي، ماڻهن پنهنجون زندگيون بچائڻ لاءِ روڊن تي اچي پناهه ورتي آهي، ماڻهن جو مال متاع چارو نه ملڻ ڪري بکن ۾ مري رهيو آهي، ٽنڊوجان محمد ۽ جهڏي باءِ پاس تي هن وقت به هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو پنهنجين عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سميت پنهنجي مدد پاڻ تحت جوڙيل ڪپڙي جي خيمن ۾ ويهي بکن ۾ تباهه ٿي لاوارثي وري زندگي گذاري رهيا آهن، هنن بي پهچ ۽ مسڪين ماڻهن جي حڪومتي سطح تي ڪنهن به ڪا واهر ناهي ڪئي، جيتوڻيڪ ڪجهه فلاحي ادارن پهچي هيڪڙ ٻيهڙ ماڻهن کي خيما فراهم ڪري اس کان بچايو آهي، پر سندن پيٽ جي باهه وسائڻ لاءِ ڪير به ناهي پهتو، هزارين ماڻهن لاءِ رڳو ڪجهه سئو ماڻهن جي ماني ڪي ماڻهو پهچائين ٿا، باقي ڊي سي، ايم پي اي يا ايم ايم اين سطح تي متاثر جي واهر نٿي ٿئي، جنهن ڪري ماڻهو بکن ۾ مرڻ جو انديشو وڌل آهي.

انهن علائقن جي ماڻهن جا مون اهڙا ته ڏک ڀريا منظر ڏٺا جو دل اداس ٿي پئي وئي، ڪيترن ئي معصوم ٻارڙن کي پائڻ لاءِ ڪپڙا ۽ چپل به نه هئي، پٺي اگهاڙا معصوم ٻارڙا ڄڻ هن سماج کي بيوسي واري ميار ڏئي رهيا هئا، ماڻهن جي صورتحال اهڙي هئي جو روڊ تي هر ايندڙ گاڏي ۾ هو مدد جي آس لڳايو ويٺل هئا ۽ گاڏين کي ائين نهاري رهيا هئا ڄڻ اها گاڏي سندن واهر لاءِ اڳتي وڌندي هجي، پر جڏهن گاڏيون سندن وٽان ڪراس ڪري اڳتي هليون پئي ويون ته سندن چهرن تي اداسي جي لهر پکڙجي پئي وئي، ڪيترن ئي خيمن جي ڊگهين قطارن ۾ مون کي هڪ به باٿ روم نظر نه پئي آيو، پيئڻ جي پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ ڌرتي ڌڻين جون نياڻيون ٿانوءَ کنيو پري پري تائين پريشان نظر پئي آيون.  ٽنڊوجان محمد جي صحافي دوست علي احمد جروار مون کي ٻڌايو پئي ته جهڏو، ڊگهڙي، ٽنڊوجان محمد ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ پاڻي سمنڊ وارو ڏيک ڏئي رهيو آهي، لکين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويو آهي، هزارن جي تعداد ۾ گهر ڪري پيا آهن، لکين ماڻهو دربدر ٿي ويا آهن، اتي ڪيترن ئي هفتن کان پاڻي 8 کان 10 فوٽ بيٺل آهي، ڳوٺن جا روڊ رستا بند ٿي ويا آهن، ايتري وڏي تڪليف جي باوجود حڪمران هن جي علائقي مان ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ تيار ناهن، پاڻي جي نيڪال وارن رستن تي هتان جي بااثر ماڻهن قبضا ڪري ان تي زمينون آباد ڪيون آهن، هو پنهنجو فصل بچائڻ لاءِ پاڻي کي رستو ڏيڻ لاءِ تيار ناهن، جنهن ڪري هن بيٺل پاڻي وڏي تباهي ڪئي آهي، جي پاڻي نيڪال نه ٿيو ته هي علائقا دنيا جي نقشي تان مٽجي ويندا، ماڻهو ڪنگال ٿي ويندا، جيئن ئي ماڻهن جي مدد ٿيڻ بند ٿي ته اهي ڏوهاري سرگرمين تي لهي ايندا، جيڪا ڳالهه وڏي خطرناڪ ثابت ٿيندي، لاڙ جو امن خراب ٿي ويندو.

هوڏانهن ايل بي او ڊي جي زيرو پوائنٽ وٽ ٻن مختلف هنڌن تي سم نالي جي ٻنهي پاسن کان ڌرڻا لڳن آهن، ڌرڻي ۾ موجود ماڻهو هٿيار کنيو ويٺل آهن، ڌرڻن سبب ٿر ۽ بدين کي ملائيندڙ، ٿر ۽ جهڏو کي ملائيندڙ رستا بند پيا آهن، ٻئي ڌريون ضد تي اٽڪيل آهن. مون کي اتان جي ڪجهه دوستن ٻڌايو پئي ته پراڻ ندي جي پٽ ۾ زردارين ۽ اربابن جو گڏيل قبضو آهي، اتي سندن فصل لڳل آهن، رڳو فصل کي بچائڻ لاءِ پراڻ ندي ۽ ايل بي او ڊي کي ڪٽ نٿو هنيو وڃي، جيڪڏهن ڪٽ لڳي ته هڪ هفتي اندر چئني ضلعن سانگهڙ، ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ بدين جو ٻوڏ وارو پاڻي سمنڊ ۾ هليو ويندو ۽ هي علائقا وڌيڪ تباهي کان بچي ويندا، ٻيا ته فصل ٻڏي ويا، پر پاڻي نڪرڻ کان پوءِ ڪڻڪ جو فصل هو پوکڻ لائق بڻجي ويندا، پر ڪجهه ماڻهن کي نقصان کان بچائڻ لاءِ ڪٽ هڻڻ نٿو ڏنو وڃي، انهن ئي ماڻهن جا هٿياربند 5 ڏينهن کان ٿرڪول ڏانهن ويندڙ روڊ بند ڪيو ويٺا آهن.

پراڻ ندي ۽ ايل بي او ڊي کي ڪٽ لڳڻ جي مخالف ماڻهن جي ڌرڻي به ٿرپارڪر، بدين، عمرڪوٽ، ميرپورخاص جي ماڻهن جا سور ٻيڻا ڪري ڇڏيا آهن، مک روڊ بند ٿيڻ ڪري ٿرپارڪر جو زميني رابطو ڪٽيل آهي، جنهن ڪري ماڻهن کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ڌرڻي تي ويٺل ماڻهو ايمولينس کي به گذرڻ لاءِ جاءِ نٿا ڏين، جنهن ڪري ٿرپارڪر مان ڪو مريض کڻي اچڻ به تمام گهڻي مشڪل بڻجي ويو آهي. منهنجي خيال ۾ ان پوائنٽ تي ڌرڻو هڻڻ مناسب ناهي ڇو ته هڪ ئي انهن علائقن جا ماڻهو برساتي ٻوڏ کي منهن ڏئي رهيا آهن، سندن علائقن ۾ بيٺل پاڻي کي رستو به نٿو ڏنو وڃي ۽ ويتر سندن روڊ رستا بند ڪري کين تڙپائي مارڻ جهڙو عمل ڪيو ويو آهي، ڪٽ لڳي ٿو يا نٿو لڳي اها ڳالهه حڪومت کي طئي ڪرڻي پوندي، پر حڪومت کي فوري طور تي زيرو پوائنٽ تان ڌرڻو ختم ڪرائي ٿرپارڪر ۽ بدين جو زميني رابطو فوري طور تي بحال ڪرڻ گهرجي ۽ زيرو پوائنٽ وٽان پراڻ ندي کي فوري طور تي ڪٽ ڏياري سانگهڙ، عمرڪوٽ، ميرپورخاص ۽ بدين جي علائقن مان پاڻي نيڪال ڪرائي وڌيڪ انساني ۽ مالي نقصان کان ماڻهن کي بچائڻ جي سخت ضرورت آهي، جيڪڏهن ڪٽ نه ڏنو ويو ته هتي بيٺل پاڻي هڪ سال تائين به نه سڪي سگهندو. جڏهن ته ٻوڏ سٽيل شهرن ٽنڊوجان محمد، عمرڪوٽ ۽ ڊگهڙي جي باءِ پاس تي ويٺل ماڻهن جي فوري طور مدد ڪري کين پنهنجن پيرن تي بيهارڻ به حڪومت جي ذميواري آهي، اها ذميواري حڪومت کي فوري طور تي پوري ڪري ماڻهن جون زندگيون بچايون وڃن.

اسين سمجهون ٿا ته جيڪڏهن هن مشڪل واري وقت ۾ پيپلز پارٽي انهن سنڌي ماڻهن جيڪي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو سان ساٿ نڀائڻ جو وچن هن وقت تائين نڀائيندا پيا اچن، انهن ماڻهن کي اهڙي طرح ننڌڻڪو ڪري نه ڇڏيو وڃي جو سندن سور کين پ پ سان ساٿ نڀائڻ وارو ڪيل وچن وساري ويهن ۽ ايندڙ اليڪشنن ۾ پ پ کي ووٽ ته نه ملي پر هر هنڌ گهيراءُ ٿئي، جيئن اڄڪلهه ڪيترن ئي پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جو گهيرو ٿي رهيو آهي، عوام هاڻ سجاڳ آهي، سوشل ميڊيا جو دور آهي، ماڻهو شين کي سمجهڻ لڳا آهن، پيپلز پارٽي کي پنهنجي ساک بحال رکڻ لاءِ ٻوڏ متاثرن جي تڪڙي واهر ڪرڻ گهرجي، نه صرف علائقن ۾ بيٺل پاڻي نيڪال ڪيو وڃي پر ماڻهن کي ڊهيل گهر ٺهرائي ڏنا وڃن ۽ ماڻهن جي مالي سهائتا ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.