برساتن ۽ ٻوڏ کانپوءِ واريون زميني حقيقتون

وسعت الله خان

هاڻي جڏھن برساتن جو زور ٽٽي چڪو آھي۽ دريائن جو پيٽ بھ  ڀرجي ويو آهي. تباهيءَ جي گھرائي صاف نظر اچي رهي آهي. مجموعي طور تي 6 ھزار 6 سئو پنجھتر  ڪلوميٽر رستا ۽ 270 پل لڙھي ويا آهن. صوبي وار تصوير ڏسجي ته بلوچستان ۾ درجنن جي حساب سان ننڍا ننڍا ڊيم۽ 18 پل ۽ پندرهن سئو ڪلوميٽر روڊ آسماني ۽ جابلوئي پاڻيءَ جي نذر ٿي ويا آهن.

خيبرپختونخواهه ۾ 15 سئو 75 ڪلوميٽر روڊ ۽ هڪ سئو 7 پل ٻڏي ويا. سنڌ ۾ 2700 ڪلوميٽر روڊن ۽ 63 پلن کي تباهه ڪيو ويو، جڏهن ته ڏکڻ پنجاب ۾ 900 ڪلوميٽر روڊ ۽ 16 پلن کي نقصان پهتو آھي. هن ٻوڏ سبب 18 هزار اسڪولن جي عمارتن کي مڪمل يا جزوي طور نقصان ٿيو، جڏهن ته لڳ ڀڳ هڪ ڏيڊھزار صحت مرڪز پڻ جزوي يا ڪلي تباهه ٿي ويا.

اوهان سوچي رهيا هوندا ته مان جاني ۽ مالي نقصان ۽ اربين روپين جي معاشي نقصان بابت ڪنھن ڳالهه ڪرڻ بجاءِ ننڊن ڊيمن،پل، روڊن، اسڪولن، ڊسپينسري وغيره جي اڏاوت تي ڇو لھي آيو آهيان، ٿورو سوچيو ته 90 سيڪڙو پل، اسڪول ۽ صحت مرڪز جي تعمير سرڪاري شعبي طرفان ڪئي وئي آھي.

گهرن ۽ دڪانن کي ڇڏي ٻھ ھزار پنج جي زلزلي.ٻھ ھزار ڏھ ۽ يارھن جي ٻوڏن ۽ ٻھ ھزار  ٻاويھھ جي آبي قيامت جي نتيجي ۾ ڊٿل اسي سيڪڙو تعميراتي ڪم سرڪار جو ڪيل ھو.انگريزن جي دور جي تعميرات اڄ بھ ڪنھن نھ ڪنھن حد تائين ڪارآمد،سلامت يا جزوي طور تي مفيد  آھن،پر آزادي کان پوءِ عوامي مفاد جي نالي ۾ ٿيل تعمير جو معيار آھستي آھستي ايترو ڪرندو ويو جو ھاڻي تعميرات جي معمولي سڌ ٻڌ رکندڙ شخص بھ ڇھڻ بنا ئي ٻڌائي سگھي ٿو تھ ھي اسٽرڪچر ڪيتري مدي تائين برقرار رھي سگھي ٿي.

اڳئين دور ۾ چيو ويندو هو ته فلاڻي اڏاوت کي ٻه يا ٽي ڏهاڪا ھلي ويندي. هاڻي اها ڳالھھ ڏهاڪن کان سالن کان مهينن ۽ ڏينهن تائين وڃي پهتي آهي، بلڪه ڪجهه تعميراتي منصوبا افتتاح ٿيڻ کان هڪ هفتي بعد ئي پنهنجو اصل اوقات ڏيکاري ڇڏيندا آهن.

هي گورک ڌنڌو ڪھڙو آھي،اھي ڪھڙا نٿو خيرا آھن جيڪي  انهن منصوبن جي منظوري ڏين ٿااھي ڪھڙا ٺيڪيدار آهن جيڪي انھن رٿائن کي مڪمل ڪن ٿا،  اهي ڪھڙا انجنيئر ڪير آهن جيڪي انهن منصوبن لاءِ جٽاداري جا سرٽيفڪيٽ جاري ڪن ٿا ۽ اهي ڪهڙا  کاتا آهن جيڪي انهن منصوبن جي بجيٽ پوري ڪري ايندڙ سال ان ئي رٿا جي نيئن سر سان تعمير جي لاءِ مختص ڪيل رقم ورھائڻ جي لاءِ تيار ھوندا آھن.

مان، سوشل ميڊيا تي بلوچستان ڪانٽريڪٽرز ايسوسي ايشن جي هڪ آفيسر جي ڳالهه ٻولهه ڏسي رهيو هوس. ھن سرڪاري رٿائن جي ٺيڪن جي سائنس تي جيڪا روشني وڌي ان جو خلاصو خدمت ۾ پيش آھي،ھي ڪهاڻي رڳو هڪ صوبي جي ناهي.  ٺيڪيدار تي آخر ۾ ھر ملبو وجھي ھر ڪو ذمي کان آجو ٿي ويندو آھي،پرٽينڊر جاري ٿيڻ کان وٺي رٿا جي تڪميل تائين هڪ ڊگهي زنجير آهي،جنھن جي آخري ڇيڙي تي پروجيڪٽ ھوندو آھي. زنجير جي هڪ ڇيڙي تي لاڳاپيل وزير، سيڪريٽري، چونڊيل نمائندو، ايگزيڪيوٽو انجنيئر، آفيس عملو ۽ ٻئي پاسي ٺيڪيدار هوندو آهي.

سڀ چوڻ جون ڳالھيون آھن، عملي طور تي ڪا به ترقياتي پاليسي ناهي  ھوندي،مٿان کان ويندي هيٺ تائين سڀني جي ھڪ ئي اينجڊا ھوندي آھي، دٻائي ٽينڊرنگ ڪريو تھ جئين چار پئسا ٺھن.

پروجيڪٽ جي فنانشنل فيزنگ جو بھ ڪو تصور ناھي ته مجموعي لاڳت کي ڪيتيري عرصي دوران ورهايو ويندو ته جيئن منصوبي کي بروقت مڪمل ڪري سگهجي. نه ئي رٿا جي تعمير دوران يا وري تڪميل جي مرحلي جي نگراني ڪرڻ جي لاءِ ڪا ٽيڪنيڪل ڪميٽي ھوندي آهي.جي ھوندي بھ آھي تھ ان جو ڪاغذن ۾ وجود ھوندو آھي،

جيڪڏهن منصوبي جي لاڳت يا خام مال جي قيمت وڌي وڃي ٿي تھ  اهو عام طور تي ٺيڪيدار جي کيسي مان ئي ان جو پورائو ڪرڻ ھوندو آھي.جنھن جو ازالو ھو وري ناقص مٽيريل وجھي ڪندو آھي. جڏهن ڪنهن به منصوبي جي ،پي سي ون، منظور ٿئي ٿي ۽ رقم جاري ٿئي ٿي ته ان مان 14 سيڪڙو وزير جو، 10 سيڪڙو ٽينڊر منظور ڪندڙ آفيسر جو، 6 کان 7 سيڪڙو دفتري اسٽاف جو، 7 سيڪڙو انڪم ٽيڪس ۽ 20 سيڪڙو ڪانٽريڪٽر کي نفعي جي مد ھليو ويندو آھي. يعني هڪ سؤ مان اڻونجاھ يا پنجاهه رپيا اتي ورهائجي ويندا آھن. باقي پنجاھ رپين ۾سؤ رپين واري منصوبي جي جيڪا تعمير ٿيندي ان جي پائيداريءَ جو معيار ڪهڙو هوندو،پر ڪو به ڪنهن جو احتساب نٿو ڪري سگهي ڇو ته نظام ئي اهڙو ٺهيل آهي. هڪ چور ڪيئن ٻئي چور کي ڪيئن پڪڙيندو.

هر نئون وڏو وزير اڳئين وڏي وزير جي تعمير ٿيندڙ منصوبن کي مڪمل ڪرڻ کان نون منصوبن جي ربن ڪٽڻ ۾ وڌيڪ دلچسپي رکي ٿو. سبب صاف ظاھر آهي. جيڪڏهن ڪو ٻاهريون ماڻهو 100 روپين جو منصوبو 60-70 روپين ۾ مڪمل ڪرڻ جو منصوبو کڻڻ ۽ سرڪاري پئسو بچائڻ جي ڪا رٿا آڻي ٿو ته ان جي حوصلھ افزائي گهٽ ۽ حوصلھ شڪني وڌيڪ ڪئي ويندي آهي، منطق چوي ٿو ته  منصوبو جيترو مهانگو هوندو، اوترو حصو به وڏو هوندو. جيترو گھٽ بجيٽ جو منصوبو ھوندو،منافعي ۾ گھاٽو ٿيندو.

پراجيڪٽ ۾ پائيداريءَ بجاءِ نمائش کي اوليت ڏني ويندي آهي،ورھين تائين قائم رھندڙ رستو ، اسڪول، ڊيم، صحت مرڪز جي عمارت کي ڪو پسند نٿو ڪري، بس ايتري زندگي ھجي جو هڪ ٻه موسمون گذاري سگھي، ته جيئن وري نئين ترقياتي بجيٽ سان ان کي ٻيهر تعمير ڪيو وڃي ۽ سڀني جون آڱريون ٻيهر گيھھ ۾ ھجن.ممڪن ھجي تھ توهان ۽ مان قدرتي آفتن کان ڊڄندا ھجون ۽ انهن جي ٽري وڃڻ جي  لاءِ دعائون ڪندا ھجون،  پر تعميراتي مافيا لاءِ هر قدرتي آفت ڪمائڻ جو هڪ نئون موقعو آهي يعني جيڪو ڊھندو اھو ٻيھر جڙندو.

زلزلو ۽ ٻوڏ، اڏاوتن ۾ لڪيل ڪرپشن کي پنهنجي چادر ۾ لڪائين ٿا ۽ پوءِ هر ڪو پنهنجي دل ۾ خوش ٿئي ٿو ۽ چهرن تي اداسيءَ آڻي چوندو آهي، بس ادا ڇا ڪيون اھا تھ آزمائش آهي، اسان جي گناهن جي سزا آهي، مٿي وارو ئي اسان تي رحم ڪندو.وري نئين ٽيندر بازي شروع ٿي وڃي ٿي. خدا بھ حيران ٿيندو آھي تھ ڪھڙن ڪھڙن سان پالو پيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.