مير مرتضي ڀٽو، جدوجهد جو اعليٰ مثال

مير ذوالفقار چانڊيو

مير غلام مرتضيٰ ڀٽو 18 سيپٽمبر 1954ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم سينٽ ميري اسڪول راولپنڊيءَ مان حاصل ڪيائين جنهن بعد هن’ اوليول ‘جو امتحان 1971ع ۾ ڪراچي گرامر اسڪول مان پاس ڪيو. گريجوئيشن ڪرڻ لاءِ هارورڊ يونيورسٽي لنڊن پڙهڻ ويو جتي 1976ع ڌاري ڊگري حاصل ڪيائين. بعد ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو پنهنجي والد جي خواهش تي ڪرائسٽ چرچ ڪاليج آڪسفورڊ ۾ ايم لٽ جو ٽن سالن جو ڪورس پڙهڻ لاءِ ويو پر ان وچ ۾ 1978ع ۾ سندس والد ذوالفقار علي ڀٽي کي پاڪستان جي لاهور هاءِ ڪورٽ پاران قتل جي ڪوڙي الزام ۾ ڦاهيءَ جي سزا ٻڌائي وئي جنهن سبب مير اهو ڪورس اڌ ۾ ڇڏي پاڪستان وڃڻ لاءِ آتو ٿيو پر پنهنجي عظيم والد جو پيغام مليس ته هو سندس آزاديءَ لاءِ بين الاقوامي طاقتن کي اعتماد ۾ آڻڻ لاءِ ٻاهر رهي ڪوششون ڪري.

ان کان اڳ 5 جولاءِ 1977ع تي جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي جو تختو اونڌو ڪيو ويو ته مرتضيٰ ڀٽو پنهنجي خاندان وارن سان گڏ لاڙڪاڻي واري’ المرتضيٰ هائوس ‘۾ موجود هو. جڏهن سندس والد کي گرفتار ڪيو ويو ته کيس والد حڪم ڪيو ته هو ملڪ کان ٻاهر هليو وڃي. ان ڪاري دور ۾ جڏهن ڀٽي صاحب کي جنرل ضياءُ الحق جي سازش سان ڦاهي ڏني وئي ته ڏک ۽ ڪاوڙ وچان مرتضيٰ پنهنجي ڀاءُ مير شاهنواز سان گڏ ٻاھر ملڪن ۾ رھي ڪري جدوجهد جو آغاز ڪيو جنهن جو مقصد جنرل ضياءَ کي رستي تان هٽائڻ هو ان وچ ۾ سندن ڪن دوستن پاران ان جدوجهد سبب’ الذوالفقار ‘نالي تنظيم به ٺاهي وئي ،ٻنهي ڀائرن پنهنجي تعليم ڇڏي آمريت خلاف للڪار ڪئي ۽ جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ پنهنجي همدردن جي حمايت به حاصل ڪئي پر جنرل ضياءُ جا ارادا نه بدليا نيٺ ڀٽو صاحب کي ڦاهي ڏئي شهيد ڪيو ويو جنهن کان پوءِ ٻنهي ڀائرن جي پنهنجي والد جي رھائي لاءِ ھلايل تحريڪ پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتي. انهيءَ عرصي دوران ٻنهي ڀائرن ٻن سڳين ڀينرن سان شادي ڪئي ،جيڪي نسلي طور افغاني هيون. ٻنهي کي هڪ هڪ نياڻي به ٿي مرتضيٰ ڀٽي جي نياڻيءَ جو نالو فاطمه ڀٽو رکيو ويو 18 جولاءِ 1985ع تي شاهنواز ڀُٽو جيڪو فرانس ۾ رهائش پذير هو ان جو لاش سندس گهر مان مليو جنهن بابت اهو محسوس ٿيو ته کيس زهر ڏنو ويو هو جنهن کان پوءِ مير مرتضيٰ اڪيلو ٿي پيو.

ان حادثي بعد مير مرتضيٰ پنهنجي پهرين گهر واريءَ کي طلاق ڏئي ڇڏي ۽ پنهنجي ڌيءَ کي پاڻ سان رکيو مير مرتضيٰ ڀٽو ڪجهه سال جلا وطن رهيو ان دوران سندس شادي لبنان ڄائي غنويٰ ڀٽو سان ٿي پنهنجي والد ۽ سندري جي ساٿي جدوجهد ۾ گڏ رھندڙ سندس ڀاءُ شاھنواز ڀٽو جي شھادت کان پوءِ مير مرتضي ڊگھي جلاوطني ختم ڪري 1993ع ڌاري وطن واپس موٽيو. سندس حمايتين هن جو ڀرپور استقبال ڪيو پر ظالمن ھن بھادر شخص کي برداشت نه ڪيو کيس ايئرپورٽ تان گرفتار ڪري لانڍي جيل موڪلي ڇڏيو

1993 واري اليڪشن دوران مير مرتضي جا محترمه بينظير ڀٽو سان ڪجهه نظرياتي اختلاف ٿي پيا جنهن سبب مير صاحب الڳ چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪيو. اليڪشن مھم دوران پاڻ جيل جو قيدي ھو پر سندس جيجل ماءُ بھتر امڙ جو ڪردار ادا ڪندي پنهنجي نياڻي بينظير ڀٽو جو ساٿ ڇڏي پنهنجي موڀي فرزند مير مرتضي جو ڀرپور ساٿ ڏنو. لاڙڪاڻي اندر زبردست طريقي سان اليڪشن مھم ھلائي مير مرتضي ڀٽو کي صوبائي سيٽ تي ڪامياب ڪرايو. ڪجهه مھينن جي انتظار کان پوءِ ھاءِ ڪورٽ جي ضمانت تي آزاد ٿي حلف کڻڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي پھتو جتي سندس حامين سان گڏ مخالفن شاندار استقبال ڪيو. عوام کي ائين محسوس ٿي رهيو هو ته ڄڻ ھڪ دفعو وري ذوالفقار ڀٽو زنده ٿي آيو آهي اسمبلي ممبر بڻجڻ کان پوءِ مير صاحب پ پ( شهيد ڀٽو )کي منظم ۽ متحرڪ ڪرڻ لاءِ سرگرم رهيو .هو نهايت جوشيلو ۽ باهمت نوجوان هو ۽ اڪثر تقريرن ۾ آمريت ۽ ناانصافيءَ خلاف کهرو لهجو استعمال ڪندو هو جنهن سبب ڪجهه ڳجها گروھ سندس خلاف هئا جيڪي سندس سياسي جدوجھد کان ڊنل ۽ خوفزده ھئا. سندس سياسي جدوجھد جو رستو پنهنجي والد مرحوم سان ملندڙ جلندڙ ھو جنھن جو مقصد ظالمن جي ظلم سان مقابلو ڪرڻ ھو.

ان بھادري ۽ جدوجھد واري رستي تي ھلندي  آخرڪار 20 سيپٽمبر 1996ع جي رات جڏهن مير مرتضي پنهنجي ساٿين سان گڏ ڪراچيءَ ۾ هڪ جلسي تان موٽي رهيو هو ته 70 ڪلفٽن ويجهو سندن رهائشگاھ وٽ پوليس ڪڙو چاڙهيو بيٺي هئي جنهن تي پوليس جي انڌاڌنڌ فائرنگ جو سلسلو شروع ٿيو. مير مرتضيٰ ڀٽو شديد زخمي ٿي پيو ۽ اسپتال ۾ ساھ پورا ڪيائين. ساڻس سندس ڇهه ساٿي به اجل جو شڪار ٿيا. سندس مڙھ هزارين آلين اکين سان ڳڙهي خدا بخش ۾ دفنايو ويو. ڪيڏي وڏي افسوس جو مقام ھوندو ته ڀيڻ ملڪ جي وزيراعظم ھئي ۽ سندس جي حڪومتي پوليس ھٿان ڳڀرو جوان ڀاءُ شھيد ٿي چڪو ھو جنھن جي ڪيس ۾ نامزد جوابدارن شعيب سڊل واجد دراني مسعود شريف سميت 20 پوليس اھلڪارن کي سيشن ڪورٽ ڪراچي ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو ھو جنھن کي ان وقت جي پ پ پ حڪومت سنڌ اندر انھن بري ٿيل اھلڪارن کي اعلي منصب ۽ عھدا ڏنا ويا.

26 سال گذري وڃڻ باوجود اڄوڪي سياسي پسمنظر ۾ ڏسجي ته سنڌ ۾ ھڪ مضبوط سچي بھادر قيادت جي کوٽ آهي. اڄ به سنڌ جو عوام شھيد مير مرتضي جي شڪل ۾ عوامي ليڊر ورڪرن تي جان نثار ڪرڻ واري عظيم ليڊر کي ياد ڪندو رهي ٿو موجوده برسات متاثرين جي مدد يا انھن جي مشڪل وارين حالتن ۾ سندس موڀي فرزند جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جي سرگرمين کي ڏسجي ته تعريف جي لائق آهن. جيڪڏهن ھي جوڌو جوان سياست جو رخ ٿو ڪري ته عوام جي لاءِ گھڻو ڪجهه ڪري سگھي ٿو پر افسوس ته پاڻ سياست کان باغي ۽ عوامي سوچ رکندڙ بھترين انسان آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.