”قدرتي لنگهن تان قبضا ختم ڪرايو“ ميرپورخاص ۾ سول سوسائٽي سراپا احتجاج

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ميرپورخاص ضلع جي قدرتي لنگھن تي بااثرن جي ڪيل قبضن کي ختم ڪرائي قدرتي لنگھ بحال ڪرڻ ۽ ايل بي او ڊي سم نالي کي زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ لڳائڻ لاءِ سياسي سماجي، سول سوسائٽي وڪيل ۽ واپاري اڳواڻن ۽ صحافين پاران ميرپورخاص پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هيو ويو، مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن بارڪائونسل جي صدر شوڪت راهمون، واجد لغاري، شهزادو ملڪ، محمد بش ڪپري، ڊاڪٽر منٺار ٿيٻو، شيرمحمد سولنگي، عافر پرويز ڀٽي ۽ ٻين چيو ته پاڻي جي قدرتي لنگھن تي بااثرن جي قبضن ۽ لنگھ بند ٿيڻ جي ڪري 2010 وارين برساتن ۽ ماه ٻوڏ دوران وڏي تباهي آئي هئي ان باوجود قدرتي لنگھن تان بااثرن جا قبضا ختم نه ڪرايا ويا جنهن جي نتيجي ۾ هن سال آيل برساتن ۽ ٻوڏ سبب 2010 واري صورتحال کان وڌيڪ خراب صورتحال پيدا ٿي آهي، ميرپورخاص سانگھڙ ۽ نوابشاهه جا لکين ماڻهون قدرتي لنگھن تي قبضا هجڻ ۽ زيروپوائنٽ تي بااثرن جي مداخلت جي ڪري ڪٽ نه لڳڻ سبب تباه حالي جو شڪار آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.