جيڪب آباد ۾ برسات متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو

جيڪب آباد(رپورٽ: سڪندر علي سرڪي) جيڪب آباد شڪارپور قومي شاھراھ زيرو پوائنٽ وٽ نوازو جاگير جا برسات متاثرين جو احتجاج،ڌرڻو، قومي شاهراھ روڊ بلاڪ ٿيڻ سبب سوين گاڏين جون قطارون، واهر ڪرڻ جو مطالبو خبر موجب؛ جيڪب آباد ڀرسان آباد ٿاڻي جي حد شڪارپور قومي شاھراھ زيرو پوائنٽ وٽ نوازو جاگير جي رھواسي برسات متاثرن اصغر علي جمالي، غلام علي جمالي،  غوث بخش جمالي ۽ پرويز جمالي جي اڳواڻي ۾ روڊ بلاڪ ڪري انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي جنھن سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون ۽ ٽريفڪ جام ٿي وئي انھي موقعي تي  اڳواڻن چيو ته اسانجي ڳوٺ ۾ اڃان تائين 3 فوٽ برساتي پاڻي بيٺل آھي اسانکي نه ٽينٽ مليا آھن نه ئي راشن مليو آھي ڊي سي محمد يوسف شيخ ؛مختيار ڪار عباس سڌايو ۽ صوبائي صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي پاران ڀوتارن ۽ وڏيرن کي خوش ڪرڻ ۾ مصروف آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.