سياستدانن خلاف ڪرپشن ريفرنس ختم ٿيڻ تي ملڪ ۾ تنقيد جو طوفان

اسلام آباد(م ڊ) سياستدانن خلاف ڪرپشن ريفرنسن جي واپسي تي ملڪ ۾ تنقيد جو طوفان کڙو ٿي پيو آهي، پي ٽي آءِ ڪيسن جي واپسي خلاف هڪ طوفان برپا ڪيو آهي، جنهن ۾ حڪمران اتحاد تي ڪيس هلائڻ ۽ سزا کان بچڻ لاءِ نيب قانونن ۾ تبديلي جو الزام هنيو ويو آهي،ڊي ڊبليو مطابق وزيراعظم شهبازشريف، پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير حمزا شهباز، قومي اسيمبلي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني خلاف ريفرنس واپس ڪيا ويا آهن، ڪرپشن جا تقريبن 50 ريفرنس هيل تائين واپس ڪيا ويا آهن، پي ٽي آءِ اڳواڻ جمشيد اقبال چيما ان کي سڌو سنئون ڌاڙو قرار ڏيندي چيو ته اها نرمي نه بلڪه کليل ڌاڙو آهي، گذريل سالن م 1200 ارب رپين کان وڌيڪ جو غبن ڪيو ويو، ان مان 1100 ارب رپيا پ پ، ن ليگ ۽ حڪمران اتحاد سان تعلق رکندڙ سياستدانن لٽيا، هن چيو ته اهو پاڪستان ۾ احتساب جو موت آهي، ن ليگ ۽ پ پ سڀ کان وڌيڪ فائدو کڻندڙ آهن، ان سان اهو ناڪاري پيغام ويندو ته توهان لٽي سگهو ٿا ۽ قانون توهان جي حفاظت ڪندو، ڪجه تنقيد ڪندڙن جو خيال آهي ته ان سان عمران خان جو اينٽي ڪرپشن بيانيو مضبوط ٿيندو، تجزئي نگار خالد ڀٽي چيو ته عمران خان ان مسئلي کي چڱي ريت اٿاريندو، جي يو آءِ اڳواڻ محمد جلال الدين ايڊووڪيٽ چيو ته نيب ڪو احتساب جو ادارو ناهي، بلڪه انتقام جو ادارو آهي، جڏهن اهو قانون ئي نه رهيو ته ريفرنس ڪيئن رهي سگهن ٿا،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.