پ پ اسٽيبلشمينٽ جي آشيرواد سان استحصال ڪيو: زين شاهه

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه سنڌ جي وڏي وزير کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت متاثرن جي مالڪي ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي، فوري طور تي صوبائي اسيمبلي کي معطل ڪيو وڃي، اهڙو اظهار هن ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. سيد زين شاهه چيو ته حڪمران جڏهن اکيون بند ڪري اقتدار جي نشي ۾ مست ٿي وڃن ته پوءِ عوام کي بيدار ڪرڻ فرض بڻجي وڃي ٿو، حڪومت جي ڏوهاري غفلت لکين ماڻهن کي مفلس بڻائي ڇڏيو آهي، هن چيو ته مصنوعي ٻوڏ واري صورتحال سبب فصل تباهه ٿي ويا آهن، جنهن سبب 40 کان 50 ارب رپين جو نقصان ٿيو، جڏهن ته صوبي ۾ بيماريون ڦهلجي ويون آهن، اسپتالن ۾ صورتحال خراب آهي، وينٽيليٽر موجود نه آهي.هن چيو ته پرڏيهي امداد جي آسري تي ماڻهن کي لاوارث ڪري پريشان ڪيو ويو آهي، اقتداري ٽولو 50 سالن کان سنڌ کي تباهه ڪري رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته وفاقي حڪومت توڙي صوبائي حڪومت برساتن بابت اڳواٽ اطلاع باوجود ڪي به اپاءَ نه ورتا، هن چيو ته بلوچستان ۽ ٻين علائقن کان ايندڙ پاڻي کي منڇر مان محفوظ رستو نه ڏنو ويو، پاڻي کي محفوظ رستو ڏئي عوام کي تباهي کان بچائي پئي سگهيا، پر ائين نه ڪيو ويو، انتظاميا عوام کي حفاظت سان منتقل ڪرڻ بدران ڪڻڪ کي منتقل ڪرڻ ۾ لڳي وئي، هن چيو ته 2010 ۽ 2011 جي ٻوڏن بعد اربين رپين جي اسٽڊي ڪرائي وئي، پر انهن اسٽيڊي جي روشني ۾ عمل نه ڪرايو ويو، فلڊ ڪميشن جي رپورٽ تي عمل ڪرايو وڃي ها ته هي صورتحال نه ٿئي ها. هن چيو ته ملير ندي جو پيٽ ملير ايڪسپريس وي سان متاثر ٿيندو، حڪومت هر سال 20 کان 25 ارب رپيا سم نالن جي صفائي تي خرچ ڪندي آهي، ان معاملي تي عوام احتجاج به رڪارڊ ڪرايو پر ڪنهن ڌيان نه ڏنو، هن چيو ته پ پ طرفان رليف جو عمل صرف پنهنجن کي نوازڻ لاءِ آهي، رليف جو سامان بازارن ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي، سنڌ۾ موجوده محرومي ۽ غلامي جو سبب پ پ ئي آهي، هن چيو ته پ پ هميشه غيرن جي نمائندگي ڪئي آهي، مقامي ماڻهن جو اسٽيبلشمينٽ جي آشيرواد سان استحصال ڪيو آهي، هن چيو ته هاڻي افغانين کي پنهنجي ملڪ موڪليو وڃي، ۽ سندن جاءِ تي 10 سيڪڙو ٻوڏ متاثرن کي آباد ڪيو وڃي، هن چيو ته پ پ جي ڪرپٽ حڪومت کي امداد ڏيڻ لاءِ اسان به اپيل ڪئي آهي گڏيل قومن ۽ ٻين ملڪن کي گهرجي ته اهي پاڻ عوام جي بحالي لاءِ ڪم ڪن، ڇاڪاڻ ته هي حڪمران صرف پئٽرول جا بل ٺاهي پئسا هڙپ ڪري ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.