ڪي اين شاهه ۽ گوزو جي ٻوڏ متاثرن جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو، چڪريون، ڪوچ تي پٿراءُ

دادو( عزيز احمد ملڪ  )خيرپور ناٿن شاهه ۽ گوزو جي ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف ٻوڏ متاثرين دادو ڀرسان انڊس هاء ويز تي ضلعي انتظاميه خلاف ڌرڻو هڻي هيتم جتوئي ڦاٽڪ ڦلجي دادو مين روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ ٽريئفڪ لاء بند ڪري ڇڏيو،مسافرن ۽ مظاهرين ۾ چڪريون ڪوچ جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا خبر موجب دادو ڪي اين شاه جي ڳوٺ گوزو جي ٻوڏ متاثرن واهر نه ٿيڻ خلاف هيتم جتوئي ڦاٽڪ بند ڪري ڌرڻو هنيو ان موقعي تي ٻوڏ متاثرين مسمات قزبانو،مسمات صدوري،شيردل،رب نواز،ڪنڊو خان،فيروز احمد ۽ ٻين چيو ته اسان گذريل 20 ڏينهن کان دادو شهر ۾ کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون انتظاميه اسان جي سار لهڻ بدران رڳو اچي فوٽو سيشن ڪرائي گم ٿي وڃي ٿي،اسان جا ڪيترائي ماڻهون هن مهل تائين خيرپورناٿن شاھ ۽ گوزو سميت آس پاس جي ڳوٺن ۾ ڦاٿل آهن پر ضلعي انتظاميه انهن کي ريسڪيو ڪرڻ بدران ڪرپشن ڪرڻ ۾ پوري آهي،اسان بي يارومددگار ويٺل آهيون،اسان جو ايم پي اي ۽ ايم اين اي نااهل ۽ ڪرپٽ آهن جن هٿ سان رڳو امداد خاطر اسان کي بي گهر ڪيو آهي هاڻ واڳو وارا ڳوڙها رهيا آهن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.