گم ٿيل ٻن نينگرين سميت 6 ڄڻا بازياب ڪرائڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ  جي جسٽس ڪي ڪي آغا ۽ جسٽس ذوالفقارسانگي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪراچي ۾ نينگرين سميت 6 ماڻهن جي گم ٿيڻ  واري ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت آءِ جي سنڌ،گهروکاتي، ڊي جي رينجرز سميت ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي 6 هفتن ۾ بازياب ڪرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، ياد رهي ته عبداللطيف ۽ الطاف بلديا ٽائون واري علائقي مان گم ٿي ويا آهن، جڏهن ته اختر، اعظم لياقت آباد مان ۽ 2 نينگريون ۽ ٻه شهري عزيز ڀٽي ٿاڻي جي حد مان گم ٿي آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.