عمران خان اسٽيبلشمينٽ کي راضي رکڻ لاءِ هٿ پير پيو هڻي: فضل الرحمان

شڪارپور (رپورٽ: ذوالفقار مگسي)برسات سبب جيڪا ملڪ جي  تباھي ٿي  آهي پوري دنيا گڏجي به ان جو ازالو نٿا ڪري سگھن.اھڙن خيالن جو اظھار ڪالھ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جامع مدنيه شڪارپور ۾​ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، هن  چيو ته عمران خان پاڻ غيرملڪي ايجنٽ آهي ، هي صدر جي معرفت آمريڪي سفير کي منٿون ٿو ڪري  ته ڪيئن اسٽيبلشمينٽ کي راضي ڪجي هن کي وائيٽ هائوس تائين رسائي نه ٿي ملي .هن وقت ملڪ جو عوام سيلاب سبب متاثر آهي هو جلسي مٿان جلسو ڪري رهيو آهي، هن چيو ته جمعيت علماءِ اسلام پنهنجي وس آهر سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ متاثر عوام جي خدمت ڪري رهي آهي، پريس ڪانفرنس کان​ اڳ مولانا فضل الرحمان جامع مدنيه پهچي جي يو آءِ اڳوان قاري مجيب الرحمان سان سندس جي والد مرحوم قاري محمد علي مدني جي تعذيت ڪئي ان موقعي تي مولانا راشد محمود سومرو، قاري عثمان ، مولانا عبدالله پهوڙ. مولانا عبدلله مهر ، حافظ رفيق شر سميت صوبائي ضلعي اڳواڻ موجود هيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.