زرداري ۽ نواز شريف ميرٽ تي آرمي چيف مقرر نه ڪندا، ڌمڪيون ڏيندڙ کي ڌمڪايو: عمران خان

چڪوال (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته صدر پيوٽن آڏو شهباز شريف جون ”ڪانپين ٽانگ رهي ٿين“، عمران خان پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي نامعلوم نمبرن تان فون ڪالون اچڻ جو ذڪر ڪندي چيو ته  مسٽر ايڪس ۽ مسٽر واءِ کي واپس ڌمڪيون ڏيو، اهي ڪير ٿيندا آهن، اسان کي ڌمڪائڻ وارا، چڪوال ۾ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته مون چيو ته آرمي چيف جي مقرري آئين موجب هجڻ گهرجي، زرداري ۽ نواز شريف ڪڏهن به ميرٽ تي مقرري نه ٿا ڪري سگهن، ڇاڪاڻ ته انهن کي ميرٽ جي خبر ئي ناهي، نواز شريف بيماري جو بهانو ڪري فرار ٿيو ۽ هاڻي مفرور آهي، شهباز شريف عدالت ۾ ان جو حلف نامو ڏنو هو، هي ڪوڙو ۽ مفرور ماڻهو آهي ته ڇا هي آرمي چيف مقرر ڪندو؟ عمران خان چيو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر کان سوال پڇان ٿو ته توهان گهٽ ۾ گهٽ منهنجي ڳالهه سمجهي ويا هوندا ته آئون ڇا ٿو چوڻ چاهيان، قوم مون سان گڏ آهي ته انهن چورن کي آرمي چيف ڪڏهن به مقرر ڪرڻ نه گهرجي.عمران خان ڪارڪنن کي چيو ته سڀئي تياري ڪريو، آئون سياست نه پر حقيقي آزادي ۽ جهاد جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان، ڊپ جا بت ڪيرائي ڇڏيو، جيڪو توهان کي ڊيڄاري ٿو ان کي واپس ڊيڄاريو، ٻاهر نڪرڻ لاءِ منهنجي سڏ جو انتظار ڪريو. عمران خان چيو ته مونکي قوم کي انهن چورن خلاف سڏ ڏيڻو آهي، هي سمجهندا هئا ته مان چپ ڪري ويهي رهندس، کين خبر هئڻ گهرجي ته مان پنهنجي محنت سان هن منزل تي پهتو آهيان. پي ٽي آءِ چيئرمين جو چوڻ هو ته شهباز شريف جي بي حسي ڏسو، اهڙين حالتن ۾ هو پرڏيهي دورا ڪري رهيو آهي، کيس ٻاهر وڃي ڪهڙي ملهه مارڻي آهي؟ جڏهن ملڪ ۾ ايڏي وڏي ٻوڏ آيل آهي، پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو به ٻاهر هليو ويو، کيس ان ڪري مڙهيو ويو جو اهو سندن حڪم مڃيندو. عمران خان مخالفن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته هي ملڪ جو پئسو لٽي ٻاهر کڻي ويا جيڪڏهن اهو اڌ به واپس آڻين ته پاڪستان کي دنيا آڏو هٿ ٽنگڻ جي ضرورت نه پوي. روسي صدر پيوٽن آڏو شهباز شريف جون ” ڪانپين ٽانگ رهي ٿين“ ڪنهن وزيراعظم اهڙيون ڳالهيون ڪندي ناهي ڏٺو جيڪي شهباز شريف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان ڪيون، هو يو اين سيڪريٽري جنرل کان معافي گهري رهيو هو. سندس چوڻ هو ته يون اين سيڪريٽري جنرل کي اها ڄاڻ هئي ته ان ڪابينا جا سٺ سيڪڙو وزير ضمانت تي آهن، سيڪريٽري جنرل ڪهڙي منهن سان توهان کي پئسا ڏيندو، کيس خبر آهي ته مٿن ڪرپشن جا ڪسيز آهن، سيڪريٽري جنرل کي سڀ خبر آهي انڪري هو کين پئسا نه پيو ڏئي. هن چيو ته شهباز شريف حلفي بيان ڏنو هو ته نواز شريف واپس ايندو، نواز شريف جي ڌيءَ زندگي ۾ هڪ ڪلاڪ به ڪم ناهي ڪيو، مريم ڪوڙ ڳالهائڻ ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي آهي، مريم نواز شهزادي بڻي ويٺي آهي کيس ميرٽ جي ڄاڻ ئي ناهي، چوڌري نثار ن ليگ کان ڌار انڪري ٿيو هو ته ڪٿي چوڌري نثار ۽ ڪٿي مريم نواز، پيپلز پارٽي ۾ پڻ ميرٽ هجي ها ته اعتزاز احسن چيئرمين هجي ها بلاول نه .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.