سنڌ ۾ انساني بحران آهي، متاثرن کي گهر ٺاهي ڏيڻ ۾ وقت لڳندو: وڏو وزير

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آمريڪي ڊپٽي چيف آف مشن  اينڊريو شوفر  سان ملاقات ۾ چيو آهي ته پاڪستان خاص طور تي سنڌ موسمياتي تبديليءَ کي منهن ڏئي چڪو آهي تنهن ڪري ترقي يافته ملڪن کي موسمياتي تبديلي جي اثرن کي گھٽائڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. مراد علي شاهه چيو ته 30 لک گهر ڊهي پٽ ٿيڻ سان ماڻهو بي گهر ٿيا آهن ۽  صوبي ۾ انساني بحران پيدا ٿيو آهي ۽ مختلف ڳوٺ، شهر ۽ هاءِ ويز جا ڪجهه حصا ۽ ريلوي ٽريڪ اڃان به پاڻي هيٺ آهن. هن چيو ته اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ٽريفڪ جي روانگي ۽ بهترين ٽرانسپورٽ لاءِريلوي ٽريڪ ۽ هاءِ ويز کي پاڻي کان صاف ڪيو وڃي. مسٽر شوفر سخت برساتن / ٻوڏ دوران لڳ ڀڳ 600 فوتگين تي ڏک جو اظهار ڪيو. هن وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته آمريڪي حڪومت متاثرن جي بحالي لاءِ صوبائي حڪومت جي مدد ڪندي. هن اهو پڻ چيو ته آمريڪي حڪومت ڊهي پٽ ٿيل گهرن جي ٻيهر تعمير ۾ به مدد ڪندي. وڏي وزير نشاندهي ڪئي ته حڪومت خيمن ۽ مڇرداڻين جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي. هن چيو ته اسان 15 لک خيمن ڀيٽ ۾ 270000 خيما ورهايا آهن جڏهن ته ماڻهن کي پنهنجن گهرن ڏانهن منتقل ڪرڻ تائين وڌيڪ خيمن جي ضرورت آهي ڇوته انهن جا گهر ٺاهڻ ۾ وقت لڳندو، هوڏانهن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نادرا جي چيئرمين طارق ملڪ سان ملاقات ۾ هن تي زور ڀريو آهي ته سندس حڪومت لاءِ ڊيٽابيس سطح تي سسٽم جوڙي ته جيئن متاثر ماڻهن ۾ امدادي سامان جي ورڇ ۽ روڪ رقم جي شفاف منتقلي کي ممڪن بڻائي سگهجي. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته امدادي سامان صاف ۽ شفاف طريقي سان ورهايو وڃي ته جيئن هر متاثر خاندان لاڀ پرائي سگهي. وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ ۽ نادرا جو ڪرنل انيس شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته تيز برساتن/ ٻوڏ سبب 15 لک ماڻهو بي گهر ٿيا ۽ 30 لک گهر ڊهي پَٽَ ٿيا. هن چيو ته هن وقت 600000 کان وڌيڪ ماڻهو ڪئمپن ۾ رهي رهيا آهن جڏهن ته ايترو ئي متاثرن جو انگ روڊن ۽ هاءِ ويز تي عارضي زندگي گذاري رهيا آهن. وڏي وزير چيو ته صوبائي ۽ وفاقي حڪومتون، دوست ملڪ ۽ ڊونر ادارا متاثر ماڻهن کي امدادي سامان پهچائڻ ۾ اسان جو ساٿ ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته آئون چاهيان ٿو ته توهان (نادرا) متاثر ماڻهن جي يونين ڪائونسل تي ٻڌل ڊيٽابيس تيار ڪري جنهن ۾ کين فراهم ڪيل امدادي سامان جي وصولي جو سسٽم هجي ته جيئن ان جي تصديق ٿي سگهي. ٻوڏ متاثرن کي روڪ رقم جي منتقلي واري معاملي تي به غور ڪيو ويو ۽ نادرا چيف تجويز ڏني ته متاثرن کي رڳو سندن سڃاڻپ ڪارڊن تي بئنڪ اڪائونٽ کولڻ جي اجازت ڏني وڃي. هن تجويز ڏني ته اهي اڪائونٽ موبائيل بئنڪ يونٽن ۾ کوليا وڃن جيڪي پارٽنر بئنڪن پاران رليف ڪئمپن/ متاثر ڳوٺن ۾ قائم ڪيا وڃن. وڏي وزير چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت کي هدايت ڪئي ته هو چيئرمين نادرا سان وڌيڪ ڳالهه ٻولهه ڪري هڪ سسٽم/ڊيٽا بيس تيار ڪري ته جيئن امدادي سامان جي ورڇ صحيح طريقي سان ٿي سگهي، هوڏانهن وڏي وزير مراد علي شاهه پنهنجي ئي حڪومت خلاف چارج شيٽ پيش ڪري ڇڏي آهي،مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ ٻوڏ کانپوءِ ڪجهه ماڻهو پنهنجا ڪم ڪار ڇڏي امداد لاءِ واجهائي رهيا آهن، ڪنهن تي الزام نه ٿو هڻان، اسان ئي هنن کي ان جو عادي بڻايو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.