پنجاب جي وڏي وزير جو فيصلو چوڌري شجاعت ڪندو

لاهور (تبصرو: گوهر بٽ) پنجاب ۾ وڏ وزارت جي تبديليءَ جا سمورا انتظام  مڪمل ٿي و يا آهن. نامياري صحافي گوهر بٽ جو چوڻ آهي ته  هن ڀيري ضروري نه آهي ته  حمزا شهباز ئي وڏو وزير ٿئي ڇو ته ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري اهو طئي ڪيو آهي ته وڏو وزير اهو ٿيندو جنهن جو نالو چوڌري شجاعت تجويز ڪندو. آصف علي زرداري ان سلسلي ۾ نواز شريف ۽ شههباز شريف کي به اعتماد ۾ وٺي ڇڏيو آهي، هاڻي چوڌري شجاعت جو ا ختيار آهي ته (ن) ليگ پ پ يا (ق)  ليگ مان ڪنهن جو نالو تجويز ڪري اهو ئي حتمي هوندو ۽ وڏو وزير ٿيندو.

پرويز الاهي خلاف بي اعتمادي رٿ جو واضح امڪان

لنڊن (م ڊ) ن ليگ قائد نواز شريف طرفان گرين سگنل ملڻ کانپوءِ پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي ڪرسي خطري ۾ پئجي وئي.ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف جي لنڊن ۾ ملاقات دوران پنجاب ۾ بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف بي اعتمادي رٿ جي حمايت ڪئي آهي، جنهن کانپوءِ امڪان پيدا ٿي ويو آهي ته ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ان کي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو.ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته بي اعتمادي جي حوالي سان ن ليگ کي تحريڪ انصاف جي ڏکڻ پنجاب ڌڙي ۽ ق ليگ جي ڪجهه ميمبرن جي به حمايت حاصل آهي.ذريعن موجب ن ليگ طرفان وڏي وزير جو نالو فائنل ناهي ڪيو ويو، نواز شريف ۽ شهباز شريف اتفاق ڪيو ته بي اعتمادي رٿ جي ڪاميابي کانپوءِ نئين وڏي وزير جي نالي تي غور ڪيو ويندو.

پي ٽي آءِ پارلياماني پارٽي پرويز الاهي جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاري ڇڏيا

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ پنجاب جي پارلياماني پارٽي وزيراعليٰ چوڌري پرويز الاهي جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاري ڇڏيو، عمران خان جي صدارت ۾ اجلاس جي اندرين ڪهاڻي سامهون اچي وئي، اجلاس ۾ 176 مان 150 اسيمبلي ميمبرن شرڪت ڪئي، جڏهن ته 26 ميمبر غيرحاضر رهيا، اسيمبلي ميمبرن الزام هنيو ته پنجاب حڪومت وڏي وزير جو پٽ مونس الاهي هلائي رهيو آهي، ميمبرن عمران خان آڏو شڪايت ڪئي ته پرويز الاهي جي وڏوزارت ۾ رڳو ق ليگي ايم پي ايز جا ڪم ٿي رهيا آهن، اسان کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.