پنگريو ۾ راشن ورهائڻ دوران افراتفري جو عالم، علائقو جنگ جو ميدان، 3 اهلڪار زخمي

پنگريو (ن ع آ) پنگريو ۾ ڊي سي بدين پاران راشن ورھائڻ دوران افراتفري جو ماحول پيدا ٿي ويو، شادي ھال ۾ ٻوڏ متاثرن جي سھائتا لاءِ قائم رليف ڪئمپ تي راشن وٺڻ لاءِ آيل سوين ماڻھن ۾ پنج ڪلاڪ انتظار ڪرڻ کان پوءِ ڇڪتاڻ ان وقت تيز ٿي وئي، جڏهن انتظاميا راشن تاثرن کي ڏيڻ بدران راشن جون چار ٽرڪون اتان کان ٻئي پاسي پوليس جي اڳواڻي ۾ منتقل ڪيون جنھن تي ٻوڏ متاثر سوين ماڻھن ۽ پوليس ۾ چڪريون تيز  ٿي ويون، مڇريل ماڻھن پوليس تي پٿراءُ شروع ڪري ڏنو جنھن تي پوليس جوابي ڪارروائي ڪندي ماڻھن کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ لاءِ شيلنگ ۽ هوائي فائرنگ ڪئي پر مڇريل ماڻهن رليف ڪئمپ جا دروازا ٽوڙي ۽ ڀتين تان ٽپي اندر داخل ٿي ويا ۽ ھڪ ٽرڪ ۾ پيل راشن جا ڪٽا کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا، جنھن تان کين روڪڻ تي پوليس ۽ مڇريل ماڻھن ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر ٽڪراءُ ٿي ويو، مڇريل ماڻھن جي پٿراءُ سبب ٻه پوليس اھلڪار امجد ۽ رستم شديد زخمي ٿي پيا، جڏھن ته ھڪ رينجرس اھلڪار جي پڻ زخمي ٿيڻ جا اطلاع مليا آھن، زخمي پوليس اھلڪارن کي صحت مرڪز پنگريو پھچايو ويو، جڏهن ته امداد وٺڻ لاءِ آيل عورتون ڪريمان، مينا، زيبو،  رمشا ڀاڄ دوران ڪري بيھوش ٿي ويون، جن کي به صحت مرڪز پنگريو آندو ويو، مڇريل ماڻھن جي پٿراءُ سبب پوليس جي ٻن موبائيلن  ۽ ٻن ٽرڪن جا شيشا پڻ ٽٽي پيا، جڏهن ته راشن کڻڻ دوران ٻوڏ متاثر ماڻهو پاڻ ۾ وڙھندا ۽ ھڪٻئي کان راشن جا ڪٽا ڦريندا رھيا، ٻن ڪلاڪن تائين سڄو علائقو جنگ جو ميدان رھيو، پوليس موجب ھن واقعي جو ڪيس پنگريو ٿاڻي تي داخل ڪيو ويندو، واضح رھي ته انتظاميه شادي ھال ۾ قائم رليف ڪئمپ ۾ گذريل ٻن ڏينھن کان راشن ورھائڻ جو عمل شروع ڪيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.