عمران خلاف توشا خانه ڪيس جو فيصلو محفوظ

اسلام آباد(م ڊ)اليڪشن ڪميشن اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف توشه خانه ريفرنس ڪيس ۾ نااهليءَ جي ريفرنس تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. سومر ڏينهن اليڪشن ڪميشن اڳوڻي وزيراعظم خلاف توشه خانه ريفرنس جي ٻُڌڻي ڪئي. ان موقعي تي مسلم ليگ (ن) جي وڪيل خالد اسحاق مؤقف اختيار ڪيو ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پنهنجي گوشوارن ۾ توشه خانه مان حاصل ٿيل تحفن کي ظاهر ناهي ڪيو. اليڪشن ڪميشن ڌُرين جا دليل ٻُڌڻ بعد محفوظ ڪري ورتوجڏهن ته عمران جي وڪيل چيو ته تحفن جي 5 ڪروڙ 80 لک آمدني اسان ڊڪليئر ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.