عباسي شهيد اسپتال ۾ گندگي، وڊيو وائرل، مرتضيٰ وهاب جو نوٽيس

ڪراچي ( رپورٽر) ايڊمنسٽريٽر ڪراچي، قانوني صلاحڪار ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب عباسي شهيد اسپتال ۾ صفائي سٿرائي بابت سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو جو سخت نوٽيس وٺندي عباسي شهيد اسپتال سميت ڪراچي جي سمورين اسپتالن ۾ صفائي سٿرائي کي يقيني بڻائڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن ۽ هدايت ڪئي آهي ته ڪي ايم سي جي سمورن اسپتالن ۾ روزاني جي بنياد تي صفائي جي رپورٽ ڏني وڃي. ايڊمنسٽريٽر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب ڊائريڪٽر ميڊيڪل سروسز سان ڊينگي جي مريضن جي علاج بابت پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ کيس ڊينگي بخار جي مريضن جو خاص علاج ۽ سار سنڀال لھڻ جي هدايت ڪئي، هن چيو ته شهر ۾ روزاني جي بنياد تي جراثيم ڪشي واري اسپري مهم جاري آهي، جنهن تحت ڊينگي بخار جي مريضن جي علاج لاءِ خاص سهولتون فراهم ڪيون وڃن. ڊينگي وائرس جي ڪيسن ۾ گهٽتائي ۽ شهرين کي هن موذي مرض کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.