وڌيڪ اگهه تي دوائون وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو اعلان

اسلام آباد (م ڊ) صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو آهي، ته سڄي ملڪ ۾ جعلي ۽ غير رجسٽرڊ دوائن جو خاتمو اولين ترجيح آهي، جيڪي ڌريون منظور ٿيل قيمت کان وڌيڪ تي دوائن جي وڪري ۾ ملوث هونديون انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. صحت واري وزارت جي ترجمان چيو ته وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل جي هدايت تي جعلي ۽ غير رجسٽرڊ دوائن جي روڪٿام لاءِ ڪريڪ ڊائون جاري آهي. سينئر ڊرگ انسپيڪٽر جي اڳواڻي ۾ ڊرگ ڪنٽرول هيلٿ ڊپارٽمينٽ آسلام آباد جو ايف آءِ اي سان گڏ آءِ ايٽ مرڪز ۾ ڇاپو هنيو ويو. هن چيو ته ڇاپو غير رجسٽرڊ ۽ اسمگل ڪيل دوائن جي اطلاع تي هنيو ويو. ان دوران غير رجسٽرڊ ۽ پابندي مڙهيل دوائن جي وڏي مقدار کي قبضي ۾ ورتو ويو، ڊريپ جي ٽيم ڪراچي ۾ 2 وڏيون ڪارروائيون ڪيون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.