سي ٽي ڊي پاران نئين شدت پسند گروهه جو انڪشاف

ڪراچي (رپورٽر) ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي)  انچارج راجا عمر خطاب پنهنجي وڊيو بيان ذريعي هڪ نئين شدت پسند گروپ جو انڪشاف ڪندي شهرين کي هوشيار رهڻ جي هدايت ڪئي آهي، راجا عمر خطاب چيو آهي ته گروھه فون تي اطلاع ٿو ڏئي ته توهان جي ويجھي رشتيدار کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي، پوءِ آزاد ڪرڻ لاءِ وڏي رقم طلب ڪئي وڃي ٿي، جوابدار جو ساٿي مدد لاءِ روئي ٿو، گروپ پاران جن شهرين کي نشانو بڻايو ويو انهن شڪايتون سي ٽي ڊي کي ڪيون آهن. هن شهرين کي خبردار ڪيو ته هو تڪڙ نه ڪن جيڪڏهن انهن کي اهڙي فون اچي ته هو پهريان لاڳاپيل مائٽن کي فون ڪري تصديق ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.