دادو ۾ ٻوڏ متاثر ڪئمپ تي ٻارن کي مدي خارج دوائون ڏيڻ جو انڪشاف

دادو (م ڊ) دادو ۾ ٻوڏ متاثرن جي هڪ ڪيمپ تي بيمارين ۾ مبتلا ٻارڙن کي مدي خارج دوائون ڏنيون ويون جيڪي هنن اڻ ڄاڻائي ۾ واپرائي ڇڏيون.دادو جي گرلس هاءِ اسڪول واري ڪيمپ ۾ اهي دوائون متاثرن کي ڏنيون ويون آهن پر ڪير به ذميواري کڻڻ لاءِ تيار ناهي.هڪ صحافي جي ٽوئيٽ ۾ اهي تصويرون سامهون آيون آهن جن تي ايڪسپائري واري تاريخ واضح لکيل آهي.واضح رهي ته سنڌ ۾ ٻوڏ جو پاڻي بيهڻ کانپوءِ انيڪ بيمارين ڪر کنيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي معصوم ٻارڙا، مرد ۽ عورتون موت جو کاڄ بڻجي رهيا آهن.ڏينهون ڏينهن اهو انگ وڌي رهيو آهي ۽ سهولتن جي وري به اڻاٺ آهي.سوشل واهپيدار انهن تصويرن جي سامهون اچڻ کانپوءِ سوال ڪري رهيا آهن ته ڇا متاثرن کي هاڻي زهر ڏنو پيو وڃي؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.