گهوٽڪي ۾ راشن جي بيگ لاءِ مسڪين عورتون پاڻ ۾ وڙهي پيون

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي جي گورنمينٽ ڊي سي هاءِ اسڪول ۾ راشن جي بيگ لاءِ عورتون ۽ مرد مڇرجي پيا. عورتن هڪ ٻئي مٿان لتن ۽ مُڪن جو وسڪارو لائي ڏنو، جنهن سبب مبينا طور ڪجھ عورتن کي جسم جي ڪجھ حسن تي کين ڌڪ به لڳا . امدادي سامان ملتان جلسه اسلامي امداد جي تعاون سان 100 کان وڌيڪ حقدار ماڻهن لاءِ ڏنو ويو. راشن جي انتظار ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن کان بيٺل ٻوڏ متاثر ماڻهون وڌيڪ بک برداشت نه ٿيڻ ڪري. گورنمينٽ ڊي سي هاءِ اسڪول کي مڇي مارڪيٽ بڻائي ڇڏيو . پيٽ گذر ڪرڻ خاطر راشن جو هڪ ڪٽو وٺڻ لاءِ پهتل عورتن جو هڪ ٻئي سان هڪ ڪلاڪ تائين جهيڙو هلندو رهيو. ڪيترائي متاثر عورتون ۽ مرد راشن نه ملڻ جون دانهون ڪندي آخر پنهنجي گهر واپس موٽي ويا .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.