گيسٽرو ۽ مليريا سبب ڪي اين شاهه ۾ ٻارن سميت وڌيڪ 7 ۽ تنگواڻي ۾ 3 ڄڻا فوت

خيرپور ناٿن شاهه / تنگواڻي( آزاد بخاري + مهتاب ملڪ) خيرپورناٿن شاهه ۾ ٻوڏ جون ڀيانڪ تباهه ڪاريون جاري آهن، بک ۽ بيمارين ۾ وڌيڪ 7 ڄڻا زندگي جي جنگ هارائي ويا، خيرپورناٿن شاهه شهر سميت ڳوٺن ۾ صحت جون سهولتون نه هجڻ جي ڪري هر روز ماڻهو مري رهيا آهن، شاهه لطيف ڪالوني جو رهواسي 38 ورهين جو نوجوان عبدالحميد چانڊيو عرف شارخ خان ٻوڏ ۾ پنهنجي گهر جي حفاظت لاءِ شهر ۾ رهيل هيو جيڪو بيماري سبب زندگي جي جنگ هارائي ويو، ڳوٺ نبي بخش ڀنڀرو جي رهواسي شمن قمبراڻي جو نوجوان پٽ امتياز علي قمبراڻي بک ۽ بيماري سبب فوت ٿي ويو، شهر جو رهواسي پورهيت گلشير سولنگي تيز بخار مليريا سبب فوت ٿي ويو، ڳوٺ جعفر ساريو ۾ قائم ٽينٽ سٽي ۾ ڳوٺ اميد علي ٻٻر واسي نينگر رمضان ٻٻر علاج نه ٿيڻ سبب گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو، شهرين وفاق ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته 19 ڏينهن کان شهر اندر بيٺل پاڻي کي فوري نيڪال ڪري بجلي گئس بحال ڪري شهر ۾ زندگي معمول مطابق آڻي وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿيڻ کان بچايون وڃن، هوڏانهن تنگواڻي جي ڳوٺ سليم جعفري ۾ هڪ ڏينهن ۾ 2معصوم ٻارڙا گيسٽرو سبب فوت ٿي ويا، فوتين ۾ 3ورهين جي سرداري ڌي رضا محمد جعفري ۽ سندس سئوٽ 2ورهين جو نياز پٽ جمال جعفري شامل آهن، ڳوٺ يعقوب بھلڪاڻي ۾ 3 سالن جو عزير پٽ شاھنواز بکراڻي تيز بخار ۽گيسٽرو وگھي فوت ٿي ويو، فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 19 ٿي ويو، برساتي پاڻي بيهڻ سبب بدبو دار ٿي وڃڻ سبب بيمارين منهن ڪڍيو آهي، ڪيترائي ٻارڙا اسپتال داخل آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.