ڊرينيج نظام بهتر هجي ها ته ايتري تباهي نه ٿئي ها: منظور وساڻ

خيرپور(ڊ ر)  وڏي وزير جي صلاحڪار منظور وساڻ ٽينٽ سٽي جو دورو ڪيو، جنهن دوران هُن چيو ته سنڌ ۾ ڊرينيج نظام بهتر هجي ها ته برساتون ايتري تباهي نه مچائين ها،خيرپور جي ٽينٽ سٽي جي دوري دوران متاثرن منظور وساڻ آڏو غير معياري کاڌو ملڻ جون شڪايتون ڪيون، هن  چيو ته عمران خان جيئن آيو هو تيئن ئي واپس هليو ويندو، سندس ويجھا دوست به کانئنس ڌار ٿي ويندا،هن چيو ته ٻين ضلعن جي ڀيٽ ۾ خيرپور ۾ وڌيڪ نقصان ٿيو آهي، هزارين ماڻهو بي گهر ٿيا آهن، 36ڪٽن مان 26 کي بند ڪيو ويو آهي، اڄ روهڙي ڪينال ۾ پاڻي ڇوڙ ڪيو ويندو،منظور وساڻ چيو ته سنڌ ۾ واهن جي کاٽي نه ٿيڻ ۽ سم نالا اوور فلو ٿيڻ سبب ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.