ڪراچي: همدرد يونيورسٽي جي شاگردن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج، انتظاميا مطالبا مڃي ورتا

ڪراچي جي همدرد يونيورسٽي ۾ قانون جي شعبي جي شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

شاگردن پاران انتظاميا جي مک گيٽ آڏو شاگرد دشمن پاليسين خلاف احتجاج ڪري جبري بيدخل ڪيل 13 شاگردن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

يونيورسٽي جي لافيڪلٽي جي ڊائريڪٽر پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب 13 شاگردن کي اداري مان نيڪالي ڏني وئي هئي.

احتجاج ڪندڙ صاحب خان تنيو، عبدالقدير، دلشير قريشي ۽ ورثا پيرزادو جو اهو به مطالبو هو ته شاگردن کي پيپرز ۾ ٻيهر ويهڻ جو موقعو ڏنو وڃي.

شاگردن جي سخت احتجاج ۽ ڌرڻي کانپوءِ انتظاميا طرفان سندن مطالبا منظور ڪيا ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.