ميروخان: برسات ۽ ٻوڏ متاثرن لاءِ مفت طبي ڪئمپ، سيوين ماڻهن کي چڪاسي دوائون ڏنيون ويون

ميروخان ۾ برسات ۽ ٻوڏ متاثرن لاءِ مفت طبي ڪئمپ لڳائي دوائون ڏنيون ويون.

شهر جي سماجي اڳواڻ سيد مسرت علي شاهه طرفان پنهنجي رائيس ۾ برسات ۽ ٻوڏ متاثرن لاءِ  مفت طبي ڪئمپ لڳرائي وئي.

ڪئمپ ۾ ماهر ڊاڪٽرن چار سئو کان وڌيڪ مردن، عورتن ۽ ٻارڙن کي چڪاسي دوائون ڏنيون.

ان موقعي تي سماجي اڳواڻ مسرت شاهه، ڊاڪٽر آصف ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته برساتن ۽ ٻوڏ کانپوءِ مختلف بيمارين ڪر کنيو آهي، حالتن کي نظر ۾ رکندي لاهور ٽرانسپرنٽ ھينڊز جي سهڪارسان ڪئمپ لڳرائي جيئن غريب متاثرن کي لاڀ ملي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.