ميهڙ ۾ غذائي کوٽ، گيسٽرو ۽ ٻيون بيماريون وگھي وڌيڪ 4 ٻوڏ متاثر فوت

ميهڙ ۾ غذائي کوٽ، گيسٽرو ۽ ٻيون بيماريون وگھي وڌيڪ 4 ٻوڏ متاثر فوت ٿي ويا.

ميهڙ انڊس هاءِ وي تي لڪڙا هوٽل وٽ ترسيل ڳوٺ ورند جا ڀاڻ جي رهواسڻ ٻوڏ متاثر مسمات صحت  خاتون غذائي کوٽ ۽ گيسٽرو وگھي فوت ٿي وئي.

ڳوٺ حاصل کوسو ۾ ترسيل ڳوٺ نوريز چانڊيو جو ٻوڏ متاثر 7 ورهين جو رحيم چانڊيو گيسٽرو، جڏهن ته فريد آباد سپريو بند تي ترسيل متاثر ڪٽنب جو 8 ورهين جو مصري کوسو بکون وگھي فوت ٿي ويو.

هوڏانهن فرياد آباد جي ڳوٺ ڪڙيو سبڙ ۾ 10 ورهين جو ٻوڏ متاثر نويد ساکاڻي تيز بخار سبب تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو.

غذائي کوٽ، گيسٽرو ۽ ٻين بيمارين وگھي فوت ٿيندڙن جي ڪٽنبن ۾ ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته ڪئمپن جو ماحول سوڳوار بڻجي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.