جروار ۾ قومي عوامي تحريڪ جو وڌندڙ بدامني ۽ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج

جروار ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران شهر ۾ وڌندڙ بدامني ۽ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڪارڪنن شريف گبول، فياض بوزدار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته جروار پوليس جي نااهلي سبب شهر ۾ بدامني وڌي وئي، چورين، ڦرين ۽ ڌاڙن جو وارداتون معمول بڻجي ويون آهن.

سندن چوڻ هو ته پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران شريف ماڻهن کي تنگ ڪري رهي آهي، جيڪا شهرين سان زيادتي آهي.

اڳواڻن ايس ايس پي گھوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته جراور ۾ بدامني جو نوٽيس وٺي ڏوهن تي ضابطو آڻي امن ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.