برطانوي راڻي جي 96ورهين جي ڄمار تي هڪ نظر

برطانوي راڻي (2) جو مڪمل نالو الزبٿ اليگزينڊرا ميري هو، 2 جون 1953 تي ويسٽ منسٽر ايبي لنڊن ۾ راڻي جي تخت سنڀالڻ واري تقريب ٿي.

راڻي جي تاجپوشي پنهنجي قسم جي پهرين اهڙي تاج پوشي هئي جيڪا ٽي وي تي نشر ٿي.

9 سيپٽمبر 2015 تي هن راڻي وڪٽوريا جي سڀ کان ڊگهي حڪومتي دور جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو ۽ برطانيا تي سڀ کان وڌيڪ وقت تائين حڪومت ڪندڙ راڻي بڻي.

راڻي ايلزبيٿ دنيا جي سڀ کان پيرسن سربراهه مملڪت ۽ بزرگ شاهي حڪمراني هئي.

هن 1961 ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو ۽ ٻيهر 1997 ۾ پاڪستان جي آزادي جي گولڊن جوبلي واري موقعي تي پاڪستان جو دورو ڪيائين، ساڻس گڏ شهزادو فلپ، ڊيوڪ آف ايڊنبرا به هو.

راڻي الزبٿ 100 کان وڌيڪ ملڪن جو سفر ڪيو جيڪو ڪنهن برطاني حڪمران جي شاهي دورن جو هڪ رڪارڊ آهي.

70 ورهين ۾ راڻي الزبٿ برطانيا جي گڏيل ميمبر ملڪن جا مجموعي طور تي 150 کان وڌيڪ دورا ڪيا.

برطانوي راڻي طور الزبٿ 21 هزار تقريبن ۾ شرڪت ڪئي.

راڻي جي حڪمراني واري دور ۾ 15 وزيراعظمن ملڪي حڪومت جي سربراهي ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.