ون پلس پاران سڀ کان سستي سمارٽ واچ آڻڻ جي تصديق، شوقين ٻهڪي پيا

سمارٽ فونز ٺاهڻ واري دنيا جي مشهور ڪمپني ون پلس سستي سمارٽ واچ متعارف ڪرڻ جي رٿابندي ڪري ڇڏي آهي.

هڪ رپورٽ موجب ون پلس برانڊ تصديق ڪئي آهي ته جلد نورڊ واچ جي نالي سان هڪ نئين سمارٽ واچ متعارف ڪئي پئي وڃي جيڪا هن وقت تائين متعارف ٿيندڙ سمارٽ واچز ۾ سڀ کان سستي هوندي

ڪمپني موجب ون پلس کي معياري ڊيزائن سان تيار ڪيو ويو آهي، ان ۾ اسڪوائر ڊسپلي، ڪروڊ باڊي، نمايان لگز ۽ سائيڊ تي هڪ تاج لڳل آهي جنهن سبب ڏسڻ ۾ اها واچ ايپل جي واچ جيان نظر ايندي

رپورٽ مان ڄاڻ ملي ته واچ جي اسڪرين 240×280 آهي جنهن کي هارٽ ريٽ سنسر سان سپورٽ ڪيو ويو آهي

رپورٽ موجب ون پلس جي هن سمارٽ واچ ۾ سليپ ٽريڪنگ، اسٽيپ ڪائونٽ، فٽنس ٽريڪنگ سميت ٻيا هيلٿ فيچرز شامل هوندا جنهن مان سڄي ڄاڻ ملندي. ان ۾ اها به ڄاڻ ملندي ته ماڻهو ڪيترو پنڌ هليو، جسم جو وزن ڪيترو آهي ۽ دل جي ڌرڪڻ ڪيتري آهي

رپورٽ موجب هن وقت تائين واچ متعارف ڪرائڻ جي تاريخ بابت ڪا ڄاڻ ناهي ڏني وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.