زيورن تي ڪارَنهن ڄمي وئي آهي ته پريشان نه ٿيو، پيش آهي پالش ڪرڻ جو سولو طريقو

 

جيڪڏهن توهان جي زيورن تان پالش لهي وئي آهي ۽ اهي ڪارا ٿي ويا آهن ته بس هڪ شئي جو استعمال ڪيو ۽ پراڻن زيورن کي چمڪدار ۽ نئين جهڙو بڻائي ڇڏيو.

اڪثر عورتن جون منڊيون، چوڙيون يا وري والا پائي يا وري رکي رکي خراب ٿي ويندا آهن ۽ انهن تي ڪارنهن ٿي ويندي آهي، جنهن سبب انهن کي پائڻ تي دل ناهي چوندي پر پريشان نه ٿيو، اسان کي اهڙو طريقو ٻڌائي رهيا آهيون، جنهن سان توهان جي جيولري صفا نئين لڳندي.

جيولري پالش ڪرڻ جو طريقو

  • توهان کي پنهنجي منڊي يا چين، جنهن کي به پالش ڪرڻو آهي اڳ ۾ پاڻي سان ڌوئي ڇڏيو.
  • هاڻ هڪ بائول ۾ ٿوري ٽوٿ پيسٽ ڪڍو ۽ ان ۾ پاڻي شامل ڪري چڱي طرح گڏايو.
  • پوءِ ان ۾ پنهنجي جيولري وجهي ڪجهه دير لاءِ ڇڏي ڏيو.
  • ان کانپوءِ جيولري کي ڪڍو ۽ ان کي برش جي مدد سان چڱي طرح رهڙيو.
  • جڏهن اها چڱي طرح صاف ٿي وڃي ته ان کي خشڪ ڪپڙي جي مدد سان صاف ڪيو ۽ پوءِ ڏسو ڪيئن گهر ۾ جيولري پالش ٿي وڃي ٿي.
You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.