پرنسز آف ويلز ڪيٽ مڊلٽن جون بحيريني موتين سان ٺهيل واليون !

لنڊن (ويب ڊيسڪ) پرنسز آف ويلز ڪيٽ مڊلٽن سومر ڏهاڙي برطانوي راڻي الزبٿ (2) جي آخري رسمن جي موقعي تي بحرين جي موتين سان ٺهيل ڪنن جون واليون پهريون هيون انهن والين ۾ گول هيرا به لڳل آهن.

ان موقعي تي روايتي ڪارو لباس پهريل شهزادي ڪيٽ مڊلٽن جاپان جي خاص موتين سان تيار ڪيل چار لائينز وارو خوبصورت هار به پهريو هو.

ڪيٽ مڊلٽن خاص قسم جي ناياب موتين جي چونڊ ڪري راڻي کي ڀيٽا پيش ڪئي جيڪا سندس مڙس وليم جي ڏاڏي هئي.

برطانوي راڻي 1947 ۾ شادي جي موقعي تي بحرين مان مليل ست قيمتي موتين مان ٻه واليون ٺهرايون هيون جن کي هيرن سان خوبصورت طريقي سان ٺاهيو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.