سٺي خبر، منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي جي سطح گهٽجي وئي، پاڻي سڌي ريت سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ

 

ڄامشورو (ويب ڊيسڪ) منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي جي سطح وڌيڪ گهٽ ٿي وئي ۽ اختيارين کي اميد آهي ته جيڪڏهن پاڻي سنڌو درياهه ۾ بنا ڪنهن رنڊڪ جي وهندو رهيو ته صورتحال مڪمل طور تي معمول تي اچي ويندي.

آبپاشي کاتي جي انجنيئر مهيش ڪمار خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو ته منڇر ۾ پاڻي جي سطح 120.7 فوٽن تائين گهٽ ٿي وئي آهي پر ان سطح ۾ اڃا وڌيڪ 12 کان 14 فوٽ گهٽتائي جي ضرورت آهي، جيڪا ان جي معمول جي سطح آهي.

هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته ڍنڍ جي مڪمل گنجائش 122.8 فوٽ آهي.

مهيش ڪمار ٻڌايو ته پاڻي هاڻ لاڙڪاڻي – سيوهڻ (ايل ايس) بند ذريعي سڌي ريت سنڌو درياهه ۾ وڃي رهيو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته ميهڙ، جوهي ۽ ڀان سيد آباد جي رنگ بندن تي پاڻي جو وهڪرو معمول تي اچي ويو آهي، جڏهن ته ٻوڏ جي صورتحال کي ڏسندي لاڳو ڪيل ايمرجنسي کي به هاڻ کنيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.