فوجي هيليڪاپٽرن تان اسڪول تي فائرنگ، ڇهه ٻارڙا مارجي ويا

ميانمار ۾ فوجي هيليڪاپٽرن تان اسڪول تي فائرنگ ڪئي وئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڇهه ٻارڙا مارجي ويا آهن جڏهن ته سترهن ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

برطانوي خابرو اداري موجب اسڪول تي فائرنگ جو واقعو گذريل جمعي جي ڏينهن سيگنگ ريجن جي هڪ ڳوٺ ۾ پيش آيو آهي.

ميانمار جي فوجي هيليڪاپٽرن هڪ اسڪول کي نشانو بڻايو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڇهه ٻارڙا مارجي ويا آهن ۽ سترنهن ٻارڙا زخمي ٿي پيا آهن.

خابرو اداري موجب مقامي ماڻهن ٻڌايو آهي ته هيليڪاپٽرن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب ڪجهه ٻارڙا ٿڏي تي ئي مارجي ويا هئا.

ٻئي پاسي ميانمار فوج دعويٰ ڪئي آهي ته باغي ويڙهاڪ فورسز تي حملن ڪرڻ جي لاءِ اسڪول جي عمارت ۽ مقامي ماڻهن کي پنهنجي ڍال بڻائي رهيا هئا، هيليڪاپٽر علائقي ۾ تلاشي جي لاءِ ويا هئا ته هيٺان کان انهن تي فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي رد عمل ۾ ڪاروائي ڪئي وئي ته ڪجهه ماڻهو مارجي ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.