سامونڊي طوفان ۽ زلزلي جاپان ۾ تباهيون مچائي ڇڏيون

ٽوڪيو(ويب ڊيسڪ) جاپان ۾ سامونڊي طوفان وڏي پيماني تي تباهيون مچائي ڇڏيون آهن. اڍائي سئو ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان گهلندڙ هوائن گاڏين کي ئي اونڌو ڪري ڇڏيو.

ڏکڻ اولهه جاپان ۾ طاقتور سامونڊي طوفان ”نانما ڊول“ ٽڪرائجي ويو. طوفان جي ڪري ڪيترا ئي فوٽ ڊگهيون لهرون ڪناري جي مٿان اچي ويون.

موسم خراب ٿيڻ جي نتيجي ۾ ساحلي علائقن ۾ رهندڙ چاليهه لک کان مٿي شهرين کي نيڪال جي درخواست ڪئي وئي. سخت برساتن ۽ تيز هوائن سڄو نظام ڊانوانڊول ڪري ڇڏيو.

طوفان ٽرڻ تائين ٽرينون، جهاز ۽ هوائي سامونڊي جهازن جي رستن کي بند ڪيو ويو آهي.

ٻئي پاسي تائيوان جي علائقي ۾ ڇهه پوائنٽ نوَ شدت جو زلزلي سڀ ڪجهه لوڌي ڇڏيو آهي.

ان حوالي سان هن وقت تائين هڪ شخص جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي، جڏهن ته ڏيڍ سئو ماڻهو زخمي ٿيا آهن. يولي ۾ زلزلي جي ڪري لڳ ڀڳ چار سئو سياح ڦاسڻ جون خبرون آيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.