وادي نيلم ۾ چيتي ٻن ڀائرن کي ماري وڌو

وادي نيلم(ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير جي وادي نيلم جي ”اٺ“ ۾ چيتي جي حملي ۾ ٻه ڀائر مارجي ويا.

پرڏيهي ميڊيا موجب ڏکوئيندڙ واقعو نواحي ڳوٺ پالڙي ۾ پيش آيو، نوجوان قدير ۽ امجد گهر کان باهه ٻارڻ لاءِ ڪاٺيون ڪرڻ جهنگ ويا جتي اوچتو چيتي مٿن حملو ڪيو.

ٻئي نوجوان موقعي تي فوت ٿي ويا جن جو مڙهه مقامي ماڻهو گهر کڻي ويا. چيتي جو واقعو ٻڌي علائقي ۾ هيراس پکڙجي ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.